Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن عبدالرحمٰن ۽ محمد اشرف کي کجي گرائونڊ قبرستان ۾ سوين سوگوارن جي موجودگي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن عبدالرحمٰن ۽ محمد اشرف کي کجي گرائونڊ قبرستان ۾ سوين سوگوارن جي موجودگي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
 Posted on: 1/14/2015

ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن عبدالرحمٰن ۽ محمد اشرف کي کجي گرائونڊ قبرستان ۾ سوين سوگوارن جي موجودگي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ۽ ٻين جي شرڪت.
ڪراچي؛ 14 جنوري 2015
             ايم ڪيو ايم ناظم آباد گلبهار سيڪٽر يونٽ 189 جي ڪارڪنن عبدالرحمٰن ۽ محمد اشرف کي کجي گرائونڊ قبرستان ۾ سوين سوگوارن جي موجودگي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيدن جي جنازي نماز فاروقي مسجد مين گوليمار ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، عامر خان، حق پرست اسيمبلي ميمبرن، سيڪٽر ۽ يونٽن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کان علاوه شهيدن جي مٽن مائٽن ۽ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز کان پوءِ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ حڪومت نالي ڪائي به شي نه آهي ۽ شهر ۾ معصوم شهرين، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي لڳاتار قتل ڪرڻ جي واقعن عوام جي صبر جو پيمانو لبريز ڪري ڇڏيو آهي. انهن چيو ته شهر ۾ امن جي صورتحال سڄي دنيا جي سامهون آهي ته ڪهڙي طرح ڪراچي جي ٻچڙن جو رت ناحق وهايو پيو وڃي. انهن چيو ته اسان پاڪ فوج جي سربراهن کان مطالبو ڪريون ٿا ته سڄي ملڪ خصوصن ڪراچي ۾ به شدت پسندن جي خلاف وزيرستان وانگر آپريشن ڪيو وڃي.



7/17/2024 8:33:38 PM