Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

فيصل ڪالوني جي علائقي گرين ٽائون ۾ آصف بوائز اسڪول ۽ اختر گرلز سيڪنڊري اسڪول تي قبضي مافيا جي طرفان قبضو ڪري انهن کي ڊاهڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان سخت مذمت جو اظهار.


فيصل ڪالوني جي علائقي گرين ٽائون ۾ آصف بوائز اسڪول ۽ اختر گرلز سيڪنڊري اسڪول تي قبضي مافيا جي طرفان قبضو ڪري انهن کي ڊاهڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان سخت مذمت جو اظهار.
 Posted on: 1/12/2015
فيصل ڪالوني جي علائقي گرين ٽائون ۾ آصف بوائز اسڪول ۽ اختر گرلز سيڪنڊري اسڪول تي قبضي مافيا جي طرفان قبضو ڪري انهن کي ڊاهڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان سخت مذمت جو اظهار.
جناب الطاف حسين جو ان معاملي تي فوري طور تي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد سان رابطو.
جيڪڏهن گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ان سلسلي ۾ ڪجھ نه ٿا ڪري سگهن ته فوري طور تي اسٽعيفٰي ڏيئي ڇڏين.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 12 جنوري 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين شاھ فيصل ڪالوني جي علائقي گرين ٽائون ۾ آصف بوائز اسڪول ۽ اختر گرلز سيڪينڊري اسڪول تي قبضي مافيا جي طرفان قبضو ڪري انهن کي ڊاهي مٽي جي ڍير ۾ تبديل ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته مون کي هڪ ٽي وي چينل تي اهو ڏسي ڪري وڏو دلي صدمو پهتو ته اسڪولن جون معصوم ٻارڙيون مٽي جي ڍير تي ويهي ڪري تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن. انهن فرمايو ته اسڪولن کي ڊاهڻ تي معصوم ٻارڙين جا وهندڙ ڳوڙها الله تعالٰي جي عذاب کي دعوت ڏيئي رهيا آهن.انهن گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد کا مطالبو ڪيو ته شاھ فيصل ڪالوني ۾ آصف بوائز اسڪول ۽ اختر گرلز سيڪينڊري اسڪولن تي قبضي مافيا جي طرفان قبضو ڪري ڊاهڻ جو هنگامي بنيادن تي نوٽس وٺن ۽ 
قبضي مافيا جي جن ماڻهن انهن اسڪولن تي قبضو ڪيو آهي انهن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ڀلي اهي قبضي مافيا جا ماڻهو ڪيترائي طاقتور ڇو نه هجن.جيڪڏهن ان ۾ ايم ڪيو ايم جو به ڪوئي ماڻهو ملوث هجي ته ان سان به ڪائي رعايت نه ڪئي وڃي ۽ ان کي گرفتار ڪري سخت ترين سزا ڏني وڃي.جناب الطاف حسين اسڪولن تي قبضي جي خبر تي نوٽس وٺندي فوري طور تي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد سان رابطو ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته ٻنهي اسڪولن جي تعمير جو فوري طور تي آغاز ڪيو وڃي ۽ اسڪولن جي تعمير مڪمل ٿيڻ تائين ٻنهي اسڪولن ۾ زير تعليم ٻارڙين جي تعليم جو ڪوئي متبادل انتظام ڪيو وڃي. انهن وڌيڪ فرمايو ته جيڪڏهن گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد به ڪجھ نه ٿا ڪري سگهن ته فوري طور تي اسٽعيفٰي ڏيئي ڇڏين.جناب الطاف حسين آصف بوائز اسڪول ۽ اختر گرلز سيڪنڊري اسڪول جي انتظاميه، استادن ۽ اسڪولن جي ٻارڙن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ فرمايو ته مان اوهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان ۽ اوهان کي يقين ڏياريان ٿو ته اسڪولن تي قبضو ختم ڪرائڻ ۽ ان جي ٻيهر تعمير ٿيڻ تائين مان سڪون سان نه ويهندس.

7/17/2024 8:22:54 PM