پيٽرول جي موجوده بحران سڄي ملڪ جي عوام کي وڏي تڪليف ۾ وجهي ڇڏيو آهي. حق پرست سينيٽر نسرين جليل.
اسلام آباد؛ 21 جنوري 2015
فنانس ڪميٽي برائي سينيٽ جي چيئرپرسن حق پرست سينيٽر نسرين جليل سينيٽ جي چيئرمين نير حسين بخاري کي درخواست ڪئي آهي ته اهي ملڪ ۾ پيٽرول جي بحران کي نظر ۾ رکندي ڪميٽين جو اجلاس گهرائين ته جيئن پاڻ ۾ مشاورت ڪري پيٽرول بحران جي سببن ۽ ان جي روڪٿام جي حوالي سان ڪوئي حل ڪڍيو وڃي. انهن چيو ته پيٽرول جي موجوده بحران ملڪ جي عوام کي ذهني اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي ان جي ڪري سينيٽ ۾ ان مسئلي کي بهتر ۽ فوري حل ڪرڻ جي لاءِ وزارت پيٽروليم، وزارت پاڻي و بجلي ۽ خزانه کي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين جي چيئرمينن جي سربراهي ۾ هڪ ٽيبل تي جمع ڪري مسئلي جي حل جي لاءِ تفصيلي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وڃي ته جيئن ملڪ کي پيٽرول جي بحران مان ڪڍي سگهجي.