Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ حڪومت جهڙي طرح حڪمراني ڪري رهي آهي اهو جمهوريت جي حسن تي بدنما داغ آهي.


سنڌ حڪومت جهڙي طرح حڪمراني ڪري رهي آهي اهو جمهوريت جي حسن تي بدنما داغ آهي.
 Posted on: 1/21/2015
سنڌ حڪومت جهڙي طرح حڪمراني ڪري رهي آهي اهو جمهوريت جي حسن تي بدنما داغ آهي. سنڌ اسيمبلي جا حق پرست ميمبر.
اهڙي نام نهاد جمهوريت کان بهتر آهي ته سنڌ ۾ مارشل لا نافذ ڪيو وڃي.
شرجيل ميمڻ جي طرفان سنڌ حڪومت جي نالائقين ۽ بدعنوانين تي پردو وجهڻ  جي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي.حق پرست ميمبر.
ڪراچي؛ 21 جنوري 2015 
              سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن پي پي جي رهنما شرجيل ميمڻ جي طرفان ايم ڪيو ايم تي بي بنياد ۽ من گهڙت تنقيد ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته سنڌ ۾ مارشل لا  جي مطالبي کي غير جمهوري چوڻ وارا ان ڳالھ جو جواب ڏين ته جڏهن عوام جي جان و مال جمهوري حڪومت ۾ غير محفوظ هوندي ته عوام ٻيو ڪهڙو مطالبو ڪندا؟ پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته سنڌ حڪومت جهڙي طرح سان حڪمراني ڪري رهي آهي اهو جمهوريت جي حسن تي هڪ بدنما داغ  آهي ۽ اهڙي نام نهاد جمهوريت کان بهتر آهي ته سنڌ ۾ مارشل لا  نافذ ڪيو وڃي. انهن چيو ته عوام کي اهڙي جمهوري حڪومت نه گهرجي جنهن ۾ انهن جي جان و مال محفوظ نه هجي ۽ دهشت گرد ۽ ڀتي خور عوام تي مسلط ڪيا وڃن. انهن چيو ته شرجيل ميمڻ جي سنڌ حڪومت جي نالائقين ۽ بدعنوانين تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي ۽ نه ئي عوام هاڻي انهن جون صفائيون ٻڌڻ جي لاءِ تيار آهن ۽ جيڪڏهن سنڌ حڪومت جا وزير اهو سمجهن ٿا ته اهي ايم ڪيو ايم تي بغير ڪنهن جواز جي تنقيد ڪري عوام کي بي وقوف بڻائي سگهن ٿا ته اها انهن جي ڀل آهي.انهن چيو 
ته عوام کي پنهنجي جان و مال جو تحفظ گهرجي ۽ جڏهن ايم ڪيو ايم عوام جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ آواز بلند ڪري ٿي ته سنڌ حڪومت جي پيٽ ۾ وڪڙ پون ٿا. انهن چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ روزانه جي بنياد تي پروفيشنلن، سرڪاري اهلڪارن ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن  کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ قاتل آزاد گهمي رهيا آهن.ٿر جي علائقي ڇاڇرو ۾ 112 ڏينهن ۾ 323 ٻار بک ۽ ڏڪر جي ڪري مري ويا آهن ان جي باوجود شرجيل ميمڻ جي طرفان سٺي گورننس جي دعويٰ  ڪرڻ انتهائي بيهوده ڳالھ آهي. انهن چيو ته ملڪ جي اعلٰي عدالت به سنڌ حڪومت جي بيڊ گورننس جا ريمارڪس ڏيئي چڪي آهي. انهن چيو ته شرجيل ميمڻ کي گهرجي ته اهي سنڌ ۾ بدامني، ڀتا خوري ۽ امن و امان جي صورتحال تي صفايون پيش ڪرڻ ۽ ايم ڪيو ايم کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ جي بجاءِ شرم ڪن ۽ پنهنجي ڪارڪردگي سڌارين.انهن وڌيڪ چيو ته سڀ ڄاڻين ٿا ته سنڌ حڪومت جي سرپرستي ۾ ڪراچي ۾ گينگ وار جي پرورش  ڪئي پئي وڃي ۽ ڀتا خوري ۽ ڏوهن جي وارداتن کي فروغ ڏنو پيو وڃي. 

7/17/2024 8:43:17 PM