ايم ڪيو ايم بلوچستان آرگنائيزنگ ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج اشرف خان کي خورشيد پوره قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ڪراچي؛ 14 جنوري 2015
متحده قومي موومينٽ جي بلوچستان آرگنائزنگ ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج اشرف خان کي سوين سوگوارن جي موجودگي ۾ مواڇ ڳوٺ ۾ خورشيد پوره قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيد جي جنازي نماز فريد ڪالوني جي جامعه مسجد ۾ ادا ڪئي وئي.جنازي نماز ۽ تدفين ۾ بلوچستان آرگنائزنگ ڪميٽي جي انچارج ۽ ميمبرن ۽ ٻين تنظيمي ڪميٽين جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ذميوارن ۽ ميمبرن شهيد جي پونئرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان دلي تعزيت جو اظهار به ڪيو ۽ انهن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو همدردي جو پيغام به پهچايو. شهيد جو ٽيجهو 15 جنوري بروز خميس تي اورنگي ٽائون جي جامعه مسجد فريد ۾ ٽيپهري جي نماز کان پوءِ ٿيندو.