Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اڄ 67 سال گذرڻ جي باوجود به پاڪستان جي قيام جو مقصد حاصل نه ٿي سگهيو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.


اڄ  67 سال گذرڻ جي باوجود به پاڪستان جي قيام جو مقصد حاصل نه ٿي سگهيو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 1/21/2015
اڄ  67 سال گذرڻ جي باوجود به پاڪستان جي قيام جو مقصد حاصل نه ٿي سگهيو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
ملڪ جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته شاگرد ملڪي ۽ بين الاقوامي صورتحال جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ رکن.
اي پي ايم ايس او جي طرفان جناح ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب.
ڪراچي؛ 21 جنوري 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي ميمبر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته تعليم انسان کي سٺي ۽ بري جي تميز سيکاري ٿي ۽ جهالت جي اونڌھ مان ڪڍي ٿي. انهن خيالن جو اظهار انهن اي پي ايم ايس او جي طرفان جناح ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ شاگردن،شاگردياڻين، استادن ، اي پي ايم ايس او جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اڄ جي تقريب ۾ شاگردن جي وڏي تعداد ثابت ڪري رهي آهي ته اهي ملڪ جي ترقي ۽ بهترين معاشري جي قيام ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن. انهن چيو ته اڄ 67 سال گذرڻ جي باوجود به پاڪستان جي قيام جو مقصد حاصل نه ٿي سگهيو آهي ۽ بدقسمتي سان وطن عزيز ۾ شاگردن جي لاءِ اهي سهولتون ميسر نه آهن جيڪي نوجوانن کي عالمي تقاضن سان هم آهنگ ڪري سگهن.انهن چيو ته ملڪ جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته شاگرد ملڪي ۽ بين الاقوامي صورتحال جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ رکن ۽ معاشري جا سٺا شهري بڻجي ڪري پنهنجي قوم جي بهتري جي لاءِ ڪردار ادا ڪن.

7/17/2024 8:34:14 PM