لاهور جي علائقي شادباغ ۾ شادي هال جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪنوار سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 14 جنوري 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين لاهور شادباغ ۾ شادي هال جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪنوار سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي ان حادثي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.ان کان علاوه جناب الطاف حسين پنجاب جي وزير اعلٰي ميان شهباز شريف ۽ لاهور جي انتظاميه کي درخواست ڪئي ته اهي لاهورشادمان ۾ شادي هال جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن کي فوري طور تي معاوضو ادا ڪيو وڃي ۽ زخمين کي امداد فراهم ڪئي وڃي.