جناب الطاف حسين جي طرفان حق پرست سينيٽر بيرسٽر فروغ نسيم جي والد محمد نسيم ايڊووڪيٽ ۽ والده محترمه رضيه بيگم جي علالت تي ڳڻتي جو اظهار.
لنڊن؛ 14 جنوري 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين حق پرست سينيٽر بيرسٽر فروغ نسيم جي والد محمد نسيم ايڊووڪيٽ ۽ والده محترمه رضيه بيگم جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي بيرسٽر فروغ نسيم جي والدين کي جلد کان جلد مڪمل صحتيابي عطا فرمائي. جناب الطاف حسين امڙين، ڀينرن ۽ تمام ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته اهي بيرسٽر فروغ نسيم جي والدين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعائون ڪن.