Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
تنظيمي نظم و ضبط جي خلاف ورزي تي ايم ڪيو ايم ليبر ڊويزن پي آئي جي ذميوارن انور اعواڻ، سيد ڪفيل احمد ۽ جميل احمد خان کي اڻ ڄاتل مدي تائين معطل ڪيو ويو آهي ۽ جڏهن ته فرحان پاشا ۽ وقار جاويد کي ٽن مهينن جي لاءِ معطل ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
                    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي تنظيمي نظم و ضبط جي خلاف ورزي تي ايم ڪيو ايم ليبر ڊويزن پي آئي اي جي سب يونٽ انچارج فلائيٽ سروس انور اعواڻ ۽ يونٽ ڪميٽي ميمبر سيد ڪفيل احمد ولد سيد شفيق احمد کي اڻ ڄاتل مدي تائين معطل ڪري ڇڏيو آهي ، جڏهن ته سب انچارج انجنيئرنگ فرحان پاشا ولد فيروز پاشا ۽ ميمبر وقار جاويد ولد عشرت جاويد کي به ٽن مهينن جي لاءِ معطل ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه ايم ڪيو ايم ليبير ڊويزن انچارج ميرپورخاص جميل احمد خان ولد معين الدين کي به اڻ ڄاتل مدي تائين معطل ڪيو ويو آهي. 
Read More    Posted on: 31 Jan 2016
ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جي سالانه اليڪشن ۾ گرين پينل جي ڪاميابي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مبارڪباد پيش.
                     متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جي سالانه اليڪشن ۾ گرين پينل جي ڪاميابي تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ مبارڪباد جي بيان ۾ رابطا ڪميٽي ڪراچي يونين آف جرنسلٽ جي نئين چونڊيل صدر حسن عباس، جنرل سيڪريٽري واجد رضا اصفهاني ۽ ٻين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته اهي نوان چونڊيل عهديدار صحافين جي مسئلن جي حل جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. 
Read More    Posted on: 31 Jan 2016
ايم ڪيو ايم شعبه خواتين جي زير اهتمام جناب الطاف حسين جي صحت و سلامتي جي لاءِ لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ دعائيه اجتماع جو انعقاد.
متحده قومي موومينٽ جي شعبه خواتين جي زير اهتمام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي صحت و سلامتي جي لاءِ لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ دعائيه اجتماع منعقد ڪيو ويو. اجتماع ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر محترمه زرين مجيد، شعبه خواتين جي انچارج ڪشور زهرٰي ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. 
Read More    Posted on: 31 Jan 2016
انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ جنهن تيزي سان ڪمي ٿي رهي آهي ان تيزي سان پاڪستان جي حڪومت قيمتون گهٽ نه ڪري رهي آهي. قومي اسيمبلي جا حق پرست ميمبر.
قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن چيو آهي ته انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون جنهن تيزي سا گهٽ ٿي رهيون آهن ان تيزي سان پاڪستان جي حڪومت قيمتن ۾ ڪمي نه ڪري رهي آهي
Read More    Posted on: 31 Jan 2016
دهشت گردن جي ڌمڪين ۽ عدم سيڪيورٽي جي ڪري ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ اسڪولن جي بندش تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي دهشت گردن جي ڌمڪين ۽ عدم سيڪيورٽي جي ڪري ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ اسڪولن جي بندش تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪولن جي سيڪيورٽي جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن.
Read More    Posted on: 31 Jan 2016
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي ممتاز عالم دين ۽ شيخ الحديث دارالعلوم نعيميه علامه غلام رسول سعيدي جي علالت تي ڳڻتي جو اظهار.
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ممتاز عالم دين ۽ شيخ الحديث دار العلوم نعيميه علامه غلام رسول سعيدي جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين حق پرست عوام امڙين، ڀينرن، بزرگن ۽ نوجوانن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي الله تعالٰي جي حضور علامه غلام رسول سعيدي جي صحت يابي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪن. 
Read More    Posted on: 30 Jan 2016
نيشنل ايڪشن پلان کي ملڪ ۾ جاري رهڻ گهرجي ۽ ان آپريشن جو دائرو اندورن سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ وڌايو وڃي. خواجه اظهار الحسن
ايم ڪيو ايم امن چاهي ٿي ۽ امن جي ئي داعي آهي.انهن خيالن جو اظهار سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن حيدرآباد گل سينٽر ۽ لطيف آباد نمبر 12 ۾ ايم ڪيو ايم ايلڊر ونگ ۽ سيڪٽر آئي جي زير اهتمام منعقد ڪيل قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خطابن، بيانن ۽ تصويرن تي غير آئيني ۽ غير قانوني پابندي جي خلاف احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو.
Read More    Posted on: 30 Jan 2016
ايم ڪيو ايم جي تحت لال قلعه گرائونڊ ۾ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و سلامتي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي جي لاءِ دعائيه اجتماع منعقد ڪيو ويو.
متحده قومي موومينٽ جي تحت لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي صحت و سلامتي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي جي لاءِ دعائيه اجتماع منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان،ڊپٽي ڪنوينرن ڪهف الورٰي ، شاهد پاشا ، رابطا ڪميٽي ميمبرن، سينيٽرن، حق پرست قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کان علاوه ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان پنهنجي تمام گهڻي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪندي انهن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار به ڪيو
Read More    Posted on: 30 Jan 2016
پابندي وڌل تنظيمن جي اڳواڻڻ کي ته ميڊيا ڪوريج جي اجازت آهي پر ڪروڙين عوام جي قائد جناب الطاف حسين جي خطابن ۽ تصويرن تي پابندي عائد آهي.عبدالحسيب، اسلم آفريدي ۽ شبير احمد قائم خاني.
          ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالحسيب، اسلم آفريدي ۽ شبير احمد قائم خاني چيو آهي ته پابندي وڌل تنظيمن جي اڳواڻڻ کي ته ميڊيا ڪوريج جي اجازت آهي پر ڪروڙين ماڻهن جي قائد جناب الطاف حسين جي خطابن ۽ تقريرن تي پابندي عائد ڪئي وئي آهي. انهن خيالن جو 
Read More    Posted on: 29 Jan 2016
ملڪ ۾ قانون جي بالادستي ڪٿي به نظر نه ٿي اچي، قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي بيانن، تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي ان ڳالھھ جو واضع ثبوت آهي. عارف خان.
                   ملڪ ۾ قانون جي بالادستي ڪٿي به نظر نه ٿي اچي ۽ هتي صرف جهنگ جو قانون آهي ان جو واضع ثبوت قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خطابن ۽ تصويرن تي پابندي آهي. انهن خيالن جو اظهار ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر عارف خان حيدرآباد پريس ڪلب تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خطابن ۽ تصويرن تي پابندي جي خلاف مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو.  مظاهري ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر ريحانه نسرين ۽ اهم اڳواڻ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي کان علاوه ٻيا به موجود هئا. ان موقعي تي عارف خان خطاب ڪندي چيو ته اهو مظاهرو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان عقيدت جي اظهار جي طور تي آهي ۽ جناب الطاف حسين جي خطابن تي پابندي  جي خلاف عوام جي برداشت ختم ٿي رهي آهي
Read More    Posted on: 29 Jan 2016
سينيئر صحافي ۽ آرٽس ڪائونسل جي ميمبر محمد آفاق مصطفٰي ۽ اسپورٽس جي سينيئر صحافي راشد علي صديقي جي وفات تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار.
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سينيئر صحافي ۽ آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي ميمبر محمد آفاق مصطفٰي ۽ اسپورٽس جي سينيئر صحافي راشد علي صديقي جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي صحافت ۽ رانڌين جي شعبن ۾ مرحومن جي خدمتن کي  ساراهيندي انهن کي خراج تحسين به پيش ڪيو. رابطا ڪميٽي مرحومن جي سمورن سوگوار پونئر
Read More    Posted on: 29 Jan 2016
گارڊن جي علائقي مان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن منهاج قاضي جي بي ڏوهي گرفتاري تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
                      متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رينجر اهلڪارن جي هٿان گارڊن جي علائقي کان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن منهاج قاضي جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته اڄ صبح سوير رينجر منهاج قاضي جي گهر تي ڇاپو هڻي انهن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ انهن کي پاڻ سان گڏ وٺي وئي. رابطا ڪميٽي چيو ته گرفتاري کان پوءِ منهاج قاضي جي باري
Read More    Posted on: 29 Jan 2016
ڪراچي ۾ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
                    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ ڊگهي بريڪ ڊائون جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ اهو چئي ڪري آزاد ٿي نه ٿي سگهي ته بريڪ ڊائون ڪوئيڙي ۽ هوا ۾ موجود گهم جي ڪري ٿيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي انتظاميه بجلي جي صارفين کان بلن جي  مد ۾ ته پيسا وصول ڪرڻ ۾ وڏي فعال آهي ۽ ان صارفين کان وصولي جي لاءِ ڪي اليڪٽرڪ جو آپريشن برق به شروع ڪيو آهي پر بجلي جي نظام کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان ڪي به قدم نه کن
Read More    Posted on: 29 Jan 2016
جناب الطاف حسين جي ڪروڙين چاهڻ وارن کي انهن جي خطابن ۽ بيانن کي سڌي ريت ٻڌڻ جي حق کان محروم رکڻ وڏو ظلم آهي. قومي اسيمبلي جا حق پرست ميمبر.
                   قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن چيو آهي ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خطابن، بيانن ۽ تصويرن تي پابندي سان جناب الطاف حسين جي ڪروڙين چاهڻ وارن جي دل آزاري ٿي رهي آهي ۽ انهن کي پنهنجي قائد جا سڌي ريت خطاب ۽ بيان ٻڌڻ جي حق کان محروم رکيو پيو وڃي. جيڪو وڏو ظلم آهي. پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ملڪ جا سڀني کان وڏا صابر، سچا ۽ بهادر ليڊر آهن. جن سڄي ملڪ جي مظلوم قومن جي حقن جي حصول جي لاءِ نه صرف آواز بلن
Read More    Posted on: 29 Jan 2016
فوج جي متعلق منهنجين تقريرن کي سياق و سباق کان هٽي ڪري سمجهيو ويو پر جيڪڏهن منهنجي ڪنهن به جملي يا لفظن مان ڪنهن جي به دل آزاري ٿي آهي ته مان پنهنجا لفظ واپس وٺان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
   متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته فوج جي متعلق منهنجين تقريرن کي سياق و سباق کان هٽي ڪري سمجهيو ويو پر جيڪڏهن منهنجي ڪنهن به جملي يا لفظن سان ڪنهن جي به دل آزاري ٿي آهي ته مان پنهنجا لفظ واپس وٺان ٿو. ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ ان جي پاڪ فوج جو احترام ڪري ٿي. اسان پاڪستان جا دوست هئاسين، آهيون ۽ رهنداسين.ايم ڪيو ايم جو هڪ هڪ ڪارڪن پاڪستان جي بقا ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪ فوج سان گڏ پنهنجين جانين جو نذرانو
Read More    Posted on: 28 Jan 2016
Items 511 to 525 of 2634