نيشنل ايڪشن پلان کي ملڪ ۾ جاري رهڻ گهرجي ۽ ان آپريشن جو دائرو اندورن سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ وڌايو وڃي. خواجه اظهار الحسن
حيدرآباد گل سينٽر ۽ لطيف آباد نمبر 12 ۾ ايم ڪيو ايم ايلڊر ونگ ۽ سيڪٽر آئي جي زير اهتمام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خطابن، تقريرن ۽ تصويرن تي غير قانوني پابندي جي خلاف مظاهري کي خطاب.
حيدرآباد: 30 جنوري 2016
ايم ڪيو ايم امن چاهي ٿي ۽ امن جي ئي داعي آهي.انهن خيالن جو اظهار سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن حيدرآباد گل سينٽر ۽ لطيف آباد نمبر 12 ۾ ايم ڪيو ايم ايلڊر ونگ ۽ سيڪٽر آئي جي زير اهتمام منعقد ڪيل قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خطابن، بيانن ۽ تصويرن تي غير آئيني ۽ غير قانوني پابندي جي خلاف احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي، اسيمبلي ميمبرَ سيد وسيم حسين، انجنيئر صابر حسين،دلاور قريشي، راشد خلجي ۽ زبير احمد به موجود هئا.خواجه اظهار الحسن چيو ته ملڪ ۾ جن دهشت گرد جي سرن تي وڏي رقم انعام طور مقرر آهي ۽ پابندي وڌل تنظيمن جا اڳواڻ به ملڪ ۾ کلي عام ڦرندا پيا وتن ۽ انهن جا ميڊيا ۾ بيان ۽ تصويرون به شايع ڪيون پيون وڃن. پر بدقسمتي سان سچائي ۽ حقيقت ٻڌائڻ واري قائد جناب الطاف حسين جي خطابن، بيانن ۽ تصويرن تي پابندي عائد ڪئي وئي آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.انهن وڌيڪ چيو ته نيشنل ايڪشن پلان کي سڄي ملڪ ۾ جاري رهڻ گهرجي ۽ ان آپريشن جو دائرو اندرون سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ وڌايو وڃي. انهن چيو ته سنڌ حڪومت تعصب جي بنياد تي حيدرآباد شهر جو انفراسٽڪچر تباھ ڪري ڇڏيو آهي .
*****