Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

فوج جي متعلق منهنجين تقريرن کي سياق و سباق کان هٽي ڪري سمجهيو ويو پر جيڪڏهن منهنجي ڪنهن به جملي يا لفظن مان ڪنهن جي به دل آزاري ٿي آهي ته مان پنهنجا لفظ واپس وٺان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


فوج جي متعلق منهنجين تقريرن کي سياق و سباق کان هٽي ڪري سمجهيو ويو پر جيڪڏهن منهنجي ڪنهن به جملي يا لفظن مان ڪنهن جي به دل آزاري ٿي آهي ته مان پنهنجا لفظ واپس وٺان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 1/28/2016
فوج جي متعلق منهنجين تقريرن کي سياق و سباق کان هٽي ڪري سمجهيو ويو پر جيڪڏهن منهنجي ڪنهن به جملي يا لفظن مان ڪنهن جي به دل آزاري ٿي آهي ته مان پنهنجا لفظ واپس وٺان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ ان جي پاڪ فوج جو احترام ڪري ٿي
قاتلن کي پڪڙن جي بجاءِ شهيد ٿيندڙ ڪارڪنن جي پيءُ ماءُ کي پڪڙيو ويندو ۽ ڪارڪنن جي تشدد ٿيل لاشن جي تصويرن کي ڏسي ڪري ڪاوڙ اچڻ هڪ فطري عمل آهي
ايم ڪيو ايم ليبر ڊويزن جي زير اهتمام ڪراچي پريس ڪلب تي مظاهري کي خطاب
لنڊن: 28 جنوري 2016 
   متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته فوج جي متعلق منهنجين تقريرن کي سياق و سباق کان هٽي ڪري سمجهيو ويو پر جيڪڏهن منهنجي ڪنهن به جملي يا لفظن سان ڪنهن جي به دل آزاري ٿي آهي ته مان پنهنجا لفظ واپس وٺان ٿو. ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ ان جي پاڪ فوج جو احترام ڪري ٿي. اسان پاڪستان جا دوست هئاسين، آهيون ۽ رهنداسين.ايم ڪيو ايم جو هڪ هڪ ڪارڪن پاڪستان جي بقا ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪ فوج سان گڏ پنهنجين جانين جو نذرانو ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم ليبر ڊويزن جي زير اهتمام ڪراچي پريس ڪلب تي هڪ تمام وڏي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي فرمايو. جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان ۾ مختلف سياسي اڳواڻڻ جي طرفان ادارن جي باري ۾ گهڻو ڪجھھ ڳالهايو ويو، پر انهن تي ڪابه پابندي نه لڳائي وئي. پر الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم تي ان جي ڪري پابندي لڳائي وئي جو ايم ڪيو ايم چاليهن سالن ۾ ملڪ ۾ هڪ اهڙو نظرياتي طبقو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. جيڪو بغير ڪنهن فرق جي عام ماڻهن جي مدد ڪري ٿو. انهن جو علاج معالجو ۽ سار سنڀال ڪري ٿو. جيڪڏهن اهڙا ماڻهو حڪومت ۾ اچي وڃن ته اهي حڪومتي وسيلا پنهنجي ذات جي بجاءِ ايمانداري سان پاڪستان جي غريب عوام جي ڀلائي جي لاءِ استعمال ڪندا.  انهن فرمايو ته الله تعالٰي جي رحمت سان ايم ڪيو ايم جو پيغام ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ڦيلجي رهيو آهي ۽ اڄ جي ان احتجاج ۾ مهاجر، پنجابي، سرائيڪي، بلوچي، سنڌي، پشتو، ڪشميري۽ هزاري والن سميت پاڪستان جي هر قوم جو ماڻهو موجود آهي. اهو الطاف حسين جو گلدستو آهي جنهن ۾ هر زبان ۽ مذهب سان تعلق رکڻ وارا گل ٽڙن ٿا. هر اهو انسان جنهن جي دل ۾ انسانيت جو درد هجي ڀلي اهو  ڪنهن به قوم سان تعلق رکندو هجي اهو مون سان گڏ آهي ۽ مان ان سان گڏ آهيان. انهن فرمايو ته ٿرپارڪر ۽ مٺي ۾ ڏڪار ۽  کاڌ خوراڪ جي کوٽ جي ڪري معصوم ٻار مري رهيا آهن. علاج معالجي جي لاءِ اسپتالن ۾ ضروري دوائون نه آهن. اڄ جي ان اجتماع جي توسط سان مان وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪريان ٿو ته اهو ٿر جي معصوم انسانن جي زندگي بچائڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻي. جناب الطاف حسين اسٽيبلشمينٽ کي مخاطب ڪندي فرمايو ته 2013 ۾ شروع ڪيل آپريشن ۾ ايم ڪيو ايم جي سوين بي گناھ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو. جڏهن گرفتار ٿيل ڪارڪنن جون لاشون مليون ته مان سخت احتجاج ڪيو. جنهن تي مون کي ۽ ايم ڪيو ايم کي دشمن سمجهيو ويو. جڏهن غنڊه ماڻهن ۽ قاتلن کي پڪڙڻ جي بجاءِ شهيد ٿيندڙ ڪارڪنن جي پيءُ ماءُ کي پڪڙيو ويندو ۽ ڪارڪنن جي تشدد ٿيل لاشن جي تصويرن کي ڏسنداسين ته ڪاوڙ اچڻ هڪ فطري عمل آهي. انهن فرمايو ته اسٽيبلشمينٽ کي سمجهڻ گهرجي ته ايم ڪيو ايم هڪ لبرل ۽ پروگريسو سياسي طاقت آهي. جيڪا مذهبن جي وچ ۾ هم آهنگي تي يقين رکي ٿي. اسان ملڪ کان جاگيردارانه نظام جو خاتمو چاهيون ٿا. ملڪ کان ڪرپشن ۽ مٽي مائٽي جو خاتمو چاهيون ٿا. جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف ، ڊي جي آئي ايس آئي رضوان اختر، ڪور ڪمانڊر ڪراچي جنرل نويد مختيار ۽ ڊي جي رينجر ميجر جنرل بلال اڪبر کي مخاطب ڪندي فرمايو ته منهنجين تقريرن ۾ چيل جملن کي سياق و سباق کان هٽي ڪري ورتو ويو آهي. پر ان جي باوجود جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته منهنجا اهي لفظ اوهان جي لاءِ مناسب نه آهن ته مان پنهنجا اهي لفظ واپس وٺان ٿو. هن وقت دنيا جي صورتحال انتهائي نازڪ آهي. مان پاڪستان جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿو. خدا جي واسطي اسان کي دشمن سمجهڻ جي بجاءِ پاڪستان جو دوست سمجهيو وڃي. ان جي ڪري اسٽيبلشمينٽ کي به وڏي پڻ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. جن ماڻهن کي بي گناھ گرفتار ڪيو ويو آهي انهن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ لاپتا ڪارڪنن کي بازياب ڪرايو وڃي. انهن فرمايو ته مون کي الله تعالٰي جي ذات مبارڪ کان سواءِ ڪنهن جو به خوف نه آهي. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين سفارتي حلقن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اقوام متحده جي چارٽر جي مطابق هر جمهوري ملڪ جو فرض آهي ته اهو پنهنجن شهرين کي برابر جي بيناد تي بغير ڪنهن فرق جي اظهار جي آزادي جو موقعو فراهم ڪري.اظهار جي آزادي انسان جو پيدائشي حق آهي. انهن فرمايو ته مان دهشت گردي جي سخت خلاف آهيان. ايم ڪيو ايم هر قسم جي تشدد، لٽ مار ۽ عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي سخت خلاف آهي ۽ پنهنجن حقن جي لاءِ پرامن سياسي جدوجهد تي مڪمل يقين رکي ٿي. جناب الطاف حسين صحافي برادري کي يقين ڏياريو ته ويج بورڊ ايوارڊ جي فوري نفاذ جي لاءِ ايم ڪيو ايم هر فورم تي پنهنجي آواز بلند ڪندي رهندي. انهن ليبرڊويزن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي مختصر نوٽس تي ڪامياب مظاهري جي انعقاد تي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو.

5/18/2024 4:19:34 AM