Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

دهشت گردن جي ڌمڪين ۽ عدم سيڪيورٽي جي ڪري ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ اسڪولن جي بندش تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


دهشت گردن جي ڌمڪين ۽ عدم سيڪيورٽي جي ڪري ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ اسڪولن جي بندش تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 1/31/2016
دهشت گردن جي ڌمڪين ۽ عدم سيڪيورٽي جي ڪري ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ اسڪولن جي بندش تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 31 جنوري 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي دهشت گردن جي ڌمڪين ۽ عدم سيڪيورٽي جي ڪري ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ اسڪولن جي بندش تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪولن جي سيڪيورٽي جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته دهشت گردن جي ڌمڪين ۽ عدم سيڪيورٽي جي ڪري اسڪولن جي بندش سان ٻارن جي پڙهائي سخت متاثر ٿي رهي آهي ۽ والدين پنهنجن ٻارن جو اونڌاهو مستقبل ڏسي ڪري سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته اسڪولن جي بندش تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل ۽ بنيادي ذميواري آهي ته اهي ان جو مثبت ۽ ٺوس حل ڪڍن ۽ معصوم ٻارن جي مستقبل کي اونڌاهي ۾ ڌڪڻ جي بجاءِ روشن بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻين.رابطا ڪميٽي اسڪولن جي اتظاميه ۽ عوام کي به اپيل ڪئي ته اهي به اسڪولن ۽ پاڙن جي سيڪيورٽي جي لاءِ مربوط چوڪيداري نظام قائم ڪن ۽ ڪنهن به مشڪوڪ ماڻهو يا شي جي اطلاع فوري طور تي پنهنجي ويجهي ٿاڻي کي ڏين. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ چئني صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته اهي اسڪولن جي تحفظ جي لاءِ فوري طور تي سيڪيورٽي پلان ترتيب ڏين ۽ اسڪولن جي اتظاميه ۾ پائي ويندڙ بي چيني کي دور ڪن.
*****

5/18/2024 3:05:58 AM