Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


ڪراچي ۾ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 1/29/2016
ڪراچي ۾ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 29 جنوري 2016 
                    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ ڊگهي بريڪ ڊائون جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ اهو چئي ڪري آزاد ٿي نه ٿي سگهي ته بريڪ ڊائون ڪوئيڙي ۽ هوا ۾ موجود گهم جي ڪري ٿيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي انتظاميه بجلي جي صارفين کان بلن جي  مد ۾ ته پيسا وصول ڪرڻ ۾ وڏي فعال آهي ۽ ان صارفين کان وصولي جي لاءِ ڪي اليڪٽرڪ جو آپريشن برق به شروع ڪيو آهي پر بجلي جي نظام کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان ڪي به قدم نه کنيا آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي انتظاميه کي گهرجي ته اهڙي طرح جي بريڪ ڊائونن کي روڪڻ جي لاءِ فوري طور تي ٽرانسميشن جي نظام کي مربوط بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي ۽ ٽرانسميشن جي لائينن جي سالانه دهلائي جو ڪم ڪري ته جيئن اهڙي طرح جي بريڪ ڊائونن کي روڪي سگهجي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي جهڙي تمام وڏي آبادي واري شهر ۾ دهشت گردي جو خطرو به هر وقت موجود رهي ٿو جيڪڏهن پوري شهر جي بجلي بند ٿي وڃي ته ان مان دهشت گرد به فائدو کڻي سگهن ٿا. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ بار بار جي بجلي بريڪ ڊائونن سان اربين روپين جو نقصان به ٿيو آهي جنهن جي ذميوار به ڪي اليڪٽرڪ آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون جو نوٽس ورتو وڃي. 

5/18/2024 5:36:05 AM