Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

گارڊن جي علائقي مان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن منهاج قاضي جي بي ڏوهي گرفتاري تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


گارڊن جي علائقي مان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن منهاج قاضي جي بي ڏوهي گرفتاري تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 1/29/2016
گارڊن جي علائقي مان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن منهاج قاضي جي بي ڏوهي گرفتاري تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 29 جنوري 2016 
                      متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رينجر اهلڪارن جي هٿان گارڊن جي علائقي کان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن منهاج قاضي جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته اڄ صبح سوير رينجر منهاج قاضي جي گهر تي ڇاپو هڻي انهن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ انهن کي پاڻ سان گڏ وٺي وئي. رابطا ڪميٽي چيو ته گرفتاري کان پوءِ منهاج قاضي جي باري ۾ رينجر جي طرفان انهن جي گهر وارن کي ڪجھھ به ٻڌايو نه ٿو وڃي جنهن جي ڪري اهي سخت پريشان آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته حراست ۾ ورتل هر شخص کي آئين ۽ قانون پنهنجي حق جو دفاع ڪرڻ جو حق ڏيئي ٿو ۽ آئين ۽ قانون جو تقاضا آهي ته منهاج قاضي جي گرفتاري ظاهر ڪئي وڃي ۽ انهن کي قانوني سهولتون فراهم ڪيون وڃن. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف ، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ ڊي جي رينجر ميجر جنرل بلال اڪبر کان مطالبو ڪيو ته منهاج قاضي جي بي ڏوهي گرفتاري جو سختي سان نوٽس ورتو وڃي ۽ حراست جي دوران انهن جي زندگي کي لاڳو خطرن کي دور ڪري انهن جي گهر وارن کي مطمئن ڪيو وڃي.

5/18/2024 1:47:56 AM