انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ جنهن تيزي سان ڪمي ٿي رهي آهي ان تيزي سان پاڪستان جي حڪومت قيمتون گهٽ نه ڪري رهي آهي. قومي اسيمبلي جا حق پرست ميمبر.
ڪراچي: 31 جنوري 2016
قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن چيو آهي ته انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون جنهن تيزي سا گهٽ ٿي رهيون آهن ان تيزي سان پاڪستان جي حڪومت قيمتن ۾ ڪمي نه ڪري رهي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون تقريبن 80 سيڪڙو گهٽ ٿي چڪيون آهن پر افسوسناڪ ڳالھھ اها آهي ته پاڪستان جي حڪومت انهن قيمتن جي ڪمي جو فائدو عوام کي نه ڏيئي رهي آهي. انهن چيو ته جڏهن انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون لڳاتار وڌي رهيون ته پاڪستان جي حڪومت به انهي شرح سان ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون وڌائي رهي هئي. پر هاڻي جڏهن گهٽ ٿي رهيون آهن ته حڪومت گهٽ نه ڪري رهي آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته اها حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي ته اها عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ڪمي جو فائدو عوام کي ڏيئي ۽ ان سلسلي ۾ ماضي جي پاليسين کي ترڪ ڪري صرف عوام جي مفادن جي پاليسين کي اختيار ڪري.
*****