Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين جي ڪروڙين چاهڻ وارن کي انهن جي خطابن ۽ بيانن کي سڌي ريت ٻڌڻ جي حق کان محروم رکڻ وڏو ظلم آهي. قومي اسيمبلي جا حق پرست ميمبر.


جناب الطاف حسين جي ڪروڙين چاهڻ وارن کي انهن جي خطابن ۽ بيانن کي سڌي ريت ٻڌڻ جي حق کان محروم رکڻ وڏو ظلم آهي. قومي اسيمبلي جا حق پرست ميمبر.
 Posted on: 1/29/2016
جناب الطاف حسين جي ڪروڙين چاهڻ وارن کي انهن جي خطابن ۽ بيانن کي سڌي ريت ٻڌڻ جي حق کان محروم رکڻ وڏو ظلم آهي. قومي اسيمبلي جا حق پرست ميمبر.
ڪراچي: 29 جنوري 2016 
                   قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن چيو آهي ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خطابن، بيانن ۽ تصويرن تي پابندي سان جناب الطاف حسين جي ڪروڙين چاهڻ وارن جي دل آزاري ٿي رهي آهي ۽ انهن کي پنهنجي قائد جا سڌي ريت خطاب ۽ بيان ٻڌڻ جي حق کان محروم رکيو پيو وڃي. جيڪو وڏو ظلم آهي. پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ملڪ جا سڀني کان وڏا صابر، سچا ۽ بهادر ليڊر آهن. جن سڄي ملڪ جي مظلوم قومن جي حقن جي حصول جي لاءِ نه صرف آواز بلند ڪئي آهي پر غريب ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي تعصب کان مٿانهون ٿي ڪري ملڪ جي ايوانن ۾ به پهچايو آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين ئي اهي واحد ليڊر آهن جن ملڪ ۾ سڀني کان پهرين طالبان، القائده ۽ داعش جي دهشت گردن جي موجودگي جي باري ۾ ٻڌايو. جنهن مان انهن جي حب الوطني جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ۽ طالبان، القائده ۽ داعش جي موجودگي جون حقيقتون بيان ڪرڻ واري قائد جي خطابن ، بيانن ۽ تصويرن تي پابندي عائد ڪرڻ سراسر ملڪ جي مضبوطي جي خلاف عمل آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان سميت چئني صوبن جي  چيف جسٽس صاحبان کي اپيل ڪئي ته اهي جناب الطاف حسين تي عائد پابندي کي فوري طور تي ختم ڪرائين ۽ اظهار رائي جي حق کي ڇڻڻ جي عمل کي ختم ڪرائي پنهنجين ذميوارين کي پورو ڪن.

5/18/2024 1:47:59 AM