سينيئر صحافي ۽ آرٽس ڪائونسل جي ميمبر محمد آفاق مصطفٰي ۽ اسپورٽس جي سينيئر صحافي راشد علي صديقي جي وفات تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار.
ڪراچي: 29 جنوري 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سينيئر صحافي ۽ آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي ميمبر محمد آفاق مصطفٰي ۽ اسپورٽس جي سينيئر صحافي راشد علي صديقي جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي صحافت ۽ رانڌين جي شعبن ۾ مرحومن جي خدمتن کي ساراهيندي انهن کي خراج تحسين به پيش ڪيو. رابطا ڪميٽي مرحومن جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي . رابطا ڪميٽي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحومن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.