پابندي وڌل تنظيمن جي اڳواڻڻ کي ته ميڊيا ڪوريج جي اجازت آهي پر ڪروڙين عوام جي قائد جناب الطاف حسين جي خطابن ۽ تصويرن تي پابندي عائد آهي.عبدالحسيب، اسلم آفريدي ۽ شبير احمد قائم خاني.
ميرپور خاص ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي بيانن ۽ تصويرن تي پابندي جي خلاف مظاهري کي خطاب.
ميرپورخاص: 29 جنوري 2016
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالحسيب، اسلم آفريدي ۽ شبير احمد قائم خاني چيو آهي ته پابندي وڌل تنظيمن جي اڳواڻڻ کي ته ميڊيا ڪوريج جي اجازت آهي پر ڪروڙين ماڻهن جي قائد جناب الطاف حسين جي خطابن ۽ تقريرن تي پابندي عائد ڪئي وئي آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن ميرپورخاص مارڪيٽ چوڪ تي هڪ وڏي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ٻيا به موجود هئا. انهن چيو ته سڄي ملڪ جي حق پرست عوام اظهار جي آزادي سلب ڪرڻ جي فيصلي کي نامنظور ڪري اڄ ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ملڪ ۾ رائج ٻٺو معيار انهن کي ڪنهن به طرح قبول نه آهي. انهن چيو ته اظهارجي آزادي تي پابندي لڳائڻ وارا ڄاڻي وٺن ته حق پرستانه سوچ تي پابندي نه ٿي لڳائي سگهجي ۽ اهو احتجاج ان ڳالھھ جي تصديق ڪري رهيو آهي ته جناب الطاف حسين ئي مظلومن جي آواز آهن ۽ مظلومن جي آواز کي دٻائي نه ٿو سگهجي. ان موقعي تي ميرپورخاص زونل انچارج مجيب الحق ۽ اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر ظفر ڪمالي به خطاب ڪيو.