Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ملڪ ۾ قانون جي بالادستي ڪٿي به نظر نه ٿي اچي، قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي بيانن، تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي ان ڳالھھ جو واضع ثبوت آهي. عارف خان.


ملڪ ۾ قانون جي بالادستي ڪٿي به نظر نه ٿي اچي، قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي بيانن، تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي ان ڳالھھ جو واضع ثبوت آهي. عارف خان.
 Posted on: 1/29/2016
ملڪ ۾ قانون جي بالادستي ڪٿي به نظر نه ٿي اچي، قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي بيانن، تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي ان ڳالھھ جو واضع ثبوت آهي. عارف خان.
اڄ جو اهو عوامي احتجاجي مظاهرو حڪمرانن کي خبردار ڪري ٿو ته حق جي آواز  دٻائڻ جون سازشون فوري طور تي بند ڪيون وڃن.
حيدرآباد ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خطابن ۽ بيانن تي پابندي جي خلاف احتجاجي مظاهري کي خطاب.
حيدرآباد: 29 جنوري 2016 
                   ملڪ ۾ قانون جي بالادستي ڪٿي به نظر نه ٿي اچي ۽ هتي صرف جهنگ جو قانون آهي ان جو واضع ثبوت قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خطابن ۽ تصويرن تي پابندي آهي. انهن خيالن جو اظهار ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر عارف خان حيدرآباد پريس ڪلب تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خطابن ۽ تصويرن تي پابندي جي خلاف مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو.  مظاهري ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر ريحانه نسرين ۽ اهم اڳواڻ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي کان علاوه ٻيا به موجود هئا. ان موقعي تي عارف خان خطاب ڪندي چيو ته اهو مظاهرو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان عقيدت جي اظهار جي طور تي آهي ۽ جناب الطاف حسين جي خطابن تي پابندي  جي خلاف عوام جي برداشت ختم ٿي رهي آهي. انهن چيو ته پي پي جي صوبائي حڪومت انڌي ۽ ٻوڙي آهي جيڪا عوام جي آواز ٻڌي ئي نه ٿي. انهن محب وطن اختياري ڌرين کي اپيل ڪئي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي آواز مظلوم قوم جي ترجمان آهي. ان تان پابندي فوري طور تي هٽائي وڃي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته تمام تر پابندين ۽ سازشن جي باوجود عوام جو قافلو الطاف حسين سان گڏ آهي ۽ رهندو. انهن چيو ته اهو عوامي احتجاج حڪمرانن کي خبردار ڪري رهيو آهي ته هن حق جي آواز کي دٻائڻ جون سازشون بند ڪيون وڃن نه ته حق پرست عوام توهان جو گهيراءُ ڪندا.ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر ريحانه نسرين چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن تي قلف هڻڻ وارا اڄ ٻارن جي تعليم تي قلف هڻي رهيا آهن. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين طالبان، القائده ۽ داعش جي باري ۾ اختياري ڌرين کي آگاهي ڏني ۽ انهي جي ڪري ئي جناب الطاف حسين جي خطابن ۽ تصويرن تي پابندي عائد ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي مظاهري کي حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي، قومي اسيمبلي ميمبر سيد وسيم حسين، صوبائي اسيمبلي ميمبرن صابر حسين ۽ رعنا انصار به خطاب ڪيو.

5/18/2024 4:36:31 AM