Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
محترمه فاطمه ثريا بجيا جهڙي وڏي هستي کي قومي سطح تي نظر انداز ڪرڻ وڏو قابل مذمت عمل آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته محترمه فاطمه ثريا بجيا پاڪستان ئي نه بلڪه ننڍي کنڊ جي وڏي ڊرامه نگار ۽ اديبه هئي ، پر اهڙي وڏي هستي کي قومي سطح تي نظر انداز ڪيو ويو جيڪو انتهائي قابل مذمت آهي. 
Read More    Posted on: 15 Feb 2016
سنڌ حڪومت ڪراچي کي ڪِن جو ڍير بڻائي ڇڏيو آهي. ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي کي ڪِن جو ڍير بڻائي ڇڏيو آهي.جڏهن 2010 ۾ اسان حڪومت کي ڇڏيو هو ته ان وقت جو توهان ڪراچي ڏسو ۽ اڄ جو ڪراچي ڏسو توهان کي زمين آسمان جو فرق نظر ايندو. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪورنگي ۾ هڪ احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو
Read More    Posted on: 15 Feb 2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن، تصويرن ۽ بيانن کي نشر ۽ شايع ڪرڻ تي پابندي جي خلاف لنڊن ۾ 10 ڊائوننگ جي سامهون ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن جي بک هڙتال
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي تقريرن، بيانن ۽ تصويرن کي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ نشر ۽ شايع ڪرڻ تي عائد پابندي جي خلاف ايم ڪيو ايم جي طرفان برطانيه جي وزير اعظم جي سرڪاري رهائشگاھ 10 ڊائوننگ جي سامهون اڄ کان ٻه روزه بک هڙتال جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. بک هڙتال ۾ رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت، رابطا ڪميٽي جي ميمبرن واسع جليل، قاسم علي رضا، ڊاڪٽر سليم دانش، محمد انور، مصطفٰي عزيز آبادي، انبساط ملڪ،
Read More    Posted on: 15 Feb 2016
پاڪستان ۾ حڪمران طبقي ٻٺو نظام بڻائي رکيو آهي. ملڪ ۾ غريبن جي لاءِ الڳ ۽ اميرن جي لاءِ الڳ قانون آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پاڪستان ۾ حڪمران طبقي ٻٺو نظام بڻائي رکيو آهي ۽ ملڪ ۾ غريبن جي لاءِ  الڳ ۽ اميرن جي لاءِ الڳ قانون آهي. حڪمران طبقو پنهنجي مفادن جي لاءِ ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو جي پاليسي جي تحت غريب ۽ وچولي طبقي جي عوام کي پاڻ ۾ ويڙهائي ٿو. غريب ۽ وچولي طبقي کي متحد ٿي ڪري ان حڪمران سازشي طبقي کان نجات حاصل ڪرڻي پوندي
Read More    Posted on: 15 Feb 2016
ملڪ جون ٻه وڏيون سياسي جماعتون ڪشمير جهڙي خوبصورت ۽ پرامن ماٿري کي معصوم شهرين جي رت سان رنگڻ چاهين ٿيون. ڊاڪٽر فاروق ستار
متحده قومي موومينٽ جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار آزاد ڪشمير نڪيال سيڪٽر ۾ فائرنگ جي واقعي جي پرزور لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اقتدار جي جنگ ۽ هوس ۾ ملڪ جون وڏيون سياسي پارٽيون ڪشمير جهڙي خوبصورت ۽ پرامن ماٿري کي معصوم ڪشميرين جي رت سان رنگي رهيون آهن
Read More    Posted on: 14 Feb 2016
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام 15 فيبروري بروز سومر تي مين ڪورنگي روڊ تي پرامن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.
                    متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ ڪمي جي باوجود ٽرانسپورٽ جي ڪراين ۾ ڪمي نه ٿيڻ ۽ بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ ۽ گهريلو صارفين جي لاءِ بجلي ۽ گيس جي ٽيڪسن ڪمي نه ڪرڻ جي خلاف 15 فيبروري بروز سومر تي ڪورنگي نمبر 5 ۾ شام جو 4 وڳي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو. مظاهري کي رابطا ڪميٽي ۽ ڪراچي جو نامزد ميئر وسيم اختر خطاب به ڪندا. 
Read More    Posted on: 14 Feb 2016
نائن زيرو تي ويلنٽائن ڊي جي تقريب جي موقعي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان صحافين کي گلدستا پيش ڪيا ويا
                   نائن زيرو تي ويلنٽائن ڊي  جي تقريب جي موقعي تي صحافين کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان گلدستا پيش ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار، ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا، رابطا ڪميٽي ميمبر امين الحق ۽ ڪراچي جي نامزد ميئر وسيم اختر صحافين کي گلدستا پيش ڪيا ۽ انهن کي جناب الطاف حسين جي طرفان ويلنٽائڻ ڊي جي مبارڪباد به پيش ڪئي. 
Read More    Posted on: 14 Feb 2016
جناب الطاف حسين سڄي دنيا ۾ محبت جو پرچار ۽ معاشري کان نفرت جو خاتمو چاهين ٿا. ڊاڪٽر فاروق ستار.
ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جناب الطاف حسين کي ويلنٽائن ڊي جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين اسان کي عزت سان زندگي گذارڻ جو سليقو سيکاريو آهي
Read More    Posted on: 14 Feb 2016
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم سکر زون کي تحليل ڪري سکر زون کي سکر ڊسٽرڪٽ ۾ تبديل ڪري ڊسٽرڪٽ آرگنائيزر سميت 16 رڪني ڪميٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو
 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي تنظيم نو جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم سکر زون کي تحليل ڪري ڇڏيو آهي ۽ سکر زون کي سکر ڊسٽرڪٽ ۾ تبديل ڪري سکر ڊسٽرڪٽ آرگنائيزر سميت 16 رڪني ڪميٽي جو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي ۽ سکر ڊسٽرڪٽ جي پنجن سيڪٽرن مان سکر سٽي جي ٽن سيڪٽرن A,B,C  کي به تحليل ڪري 16 ڪميٽين ۾ تبديل ڪيو ويو آهي
Read More    Posted on: 14 Feb 2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن، تصويرن ۽ بيانن تي عائد پابندي جي خلاف برطانيه جي وزير اعظم جي سرڪاري رهائشگاھ جي سامهون بک هڙتال ڪرڻ جو فيصلو
 ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن، تصويرن ۽ بيانن کي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي نشر ۽ شايع ڪرڻ تي عائد پابندي جي خلاف برطانيه جي وزير اعظم جي سرڪاري رهائشگاھ جي سامهون ٻن ڏينهن جي بک هڙتال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو فيصلو رابطا ڪميٽي جي هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو. جنهن جي صدارت ڪنوينر نديم نصرت ڪئي. رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي مطابق 15 فيبروري بروز سومر کان 16 فيبروري تائين لنڊن ۾ وزير اعظم 
Read More    Posted on: 13 Feb 2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم آمريڪا جي تنظيمي معاملن کي بهتر ۽ وڌيڪ منظم ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم آمريڪا جو جنرل ورڪرز اجلاس 14 فيبروري بروز آچر تي گهرايو آهي. ايم ڪيو ايم جو اعلان
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم آمريڪا جي تنظيمي ڪمن کي بهتر ۽ وڌيڪ منظم ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم آمريڪا جي ڪارڪنن جو جنرل ورڪرز اجلاس 14 فيبروري بروز آچر تي گهرائي ورتو آهي
Read More    Posted on: 13 Feb 2016
پنجاب ۾ وڌندڙ تحريڪي ڪم کي ڏسندي ايم ڪيو ايم 13 رڪني صوبائي تنظيمي ڪميٽي جو اعلان ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم پنجاب جو صدر ميان عتيق
متحده قومي موومينٽ پنجاب جي صدر ۽ سينيٽر ميان عتيق چيو آهي ته ايم ڪيو ايم سڄي ملڪ جي مظلومن ۽ محرومن جي نمائنده جماعت آهي. جيڪا فرسوده نظام جي تبديلي جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي
Read More    Posted on: 13 Feb 2016
ويلنٽائن ڊي پيار ۽ محبت جي اظهار جي ڏينهن جي طور تي ملهايو وڃي ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم ايم ڪيو ايم جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدردن کي ويلنٽائن ڊي جي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.ويلنٽائن ڊي جي موقعي تي پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ اهڙو معاشرو  چاهي ٿي. جتي مذهب، مسلڪ، عقيدي ۽ قوميت جي بنياد تي ڪوئي به ڪنهن سان نفرت نه ڪري.
Read More    Posted on: 13 Feb 2016
ذميوار يا ڪارڪن َ سڃاڻپ ڪارڊ، بينڪ اڪائونٽ يا ڪرائي جي جڳھھ جي لاءِ ڪنهن به اڻ ڄاڻ ماڻهو جي سفارش نه ڪن. رابطاڪميٽي جي هدايت
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي سمورن چونڊيل نمائندن، ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته اهي سڃاڻپ ڪارڊ، بينڪ اڪائونٽ يا ڪرائي جي جڳھھ جي حصول جي لاءِ ڪنهن به اڻ ڄاڻ ماڻهو يا جن جي ڪردار کان اهي چڱي نموني واقف نه هجن ته ان جي سفارش نه ڪن.
Read More    Posted on: 13 Feb 2016
معروف ميوزڪ ڪمپوزر روبن گوش جي فني خدمتن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ننڍي کنڊ جي نالي واري ميوزڪ ڪمپوزر روبن گوش جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته روبن گوش پاڪستان جي نالي واري اداڪاره شبنم جو مڙس ۽ شهرت يافته ميوزڪ ڪمپوزر هو.
Read More    Posted on: 13 Feb 2016
Items 451 to 465 of 2634