Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي تحت لال قلعه گرائونڊ ۾ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و سلامتي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي جي لاءِ دعائيه اجتماع منعقد ڪيو ويو.


ايم ڪيو ايم جي تحت لال قلعه گرائونڊ ۾ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر  ۽ صحت و سلامتي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي جي لاءِ دعائيه اجتماع منعقد ڪيو ويو.
 Posted on: 1/30/2016
ايم ڪيو ايم جي تحت لال قلعه گرائونڊ ۾ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر  ۽ صحت و سلامتي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي جي لاءِ دعائيه اجتماع منعقد ڪيو ويو.
ڪراچي: 30 جنوري 2016 
                    متحده قومي موومينٽ جي تحت لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي صحت و سلامتي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي جي لاءِ دعائيه اجتماع منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان،ڊپٽي ڪنوينرن ڪهف الورٰي ، شاهد پاشا ، رابطا ڪميٽي ميمبرن، سينيٽرن، حق پرست قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کان علاوه ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان پنهنجي تمام گهڻي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪندي انهن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار به ڪيو. ان موقعي تي درود شريف جو ورد به ڪيو ويو ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي صحت و  سلامتي، وڏي عمر ، ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي، ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشن جي خاتمي، جيلن ۾ اسير ساٿين جي جلد رهائي، لاپتا ڪارڪنن جي حفاظت سان بازيابي ۽ شهيدن جي بلند درجات جي لاءِ خصوصي دعائون به ڪيون ويون. ان کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي شعبي اقليتي امور جي تحت به قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و سلامتي جي لاءِ دعائون ڪيون ويون. 

5/18/2024 2:05:39 AM