Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
ايم ڪيو ايم جي همدردن شمائل بيگ شهيد ۽ ڪامران شهيد کي آلين اکين سان گڏ ڪورنگي نمبر 6 جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
متحده قومي موومينٽ ڪورنگي ٽائون جي همدردن شمائل بيگ شهيد ۽ ڪامران شهيد کي هزارين آلين اکين سان گڏ ڪورنگي نمبر 6 جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ان کان اڳ انهن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي
Read More    Posted on: 20 Mar 2016
آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي نالي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو هنگامي خط
 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي نالي پنهنجي هڪ هنگامي خط ۾ انتهائي اهم ۽ حساس معاملي ڏانهن توجه ڏياريندي لکيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ قانون نافذ ڪرڻ واري اداري جا ڪجھھ آفيسر ايم ڪيو ايم جي ذميوارن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سينيٽرن کي گهرائي ڪري ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن ته جيڪڏهن انهن ڪراچي آندل ايم ڪيو ايم جي غدارن جي نئين ٽولي جو ساٿ نه ڏنو ته انهن کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا
Read More    Posted on: 20 Mar 2016
ڪورنگي ڪراسنگ کان ٻن مهاجر نوجوانن شمائل بيگ ۽ ڪامران جون لاشون ملڻ ماورائي عدالت قتل جو واقعو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
متحده قومي  موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪورنگي ڪراسنگ جي علائقي مان ٻن مهاجر نوجوانن شمائل بيگ ۽ ڪامران جي قتل جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم پنجابي سرائيڪي آرگنائيزنگ ڪميٽي ڪورنگي ٽائون جي ڪارڪن يامين علي جي صاحبزادي عمران علي کي 18 نومبر 2015 تي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن گرفتار ڪيو هو
Read More    Posted on: 19 Mar 2016
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ارٿ آور ملهايو ويو

                متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام ارٿ آور ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ رات 30 ؛8 کان 30 ؛9 تائين نائن زيرو ۽ ٻين آفيسن جون سموريون لائيٽون بند ڪيون ويون.ان موقعي تي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم واحد سياسي جماعت آهي جيڪا هر سال ارٿ آور ملهائي ٿي. ان موقعي تي WWF   پاڪستان جا  ايڊوائيزر محمد معظم خان، سينيئر آفيسر محمد شفيع الله ، محترمه مصباح  ، رابطا ڪميٽي ميمبر، اسيمبلي ميمبر ۽ ٻيا به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين اسٽيٽ مين آهن ۽ جيڪي اسٽيٽ مين هوندو آهي اهو پنهنجي زمين ۽ نسلن سان محبت ڪندو آهي.
Read More    Posted on: 19 Mar 2016
تمام تر ظلمن، ڪوڙن الزامن ۽ پروفيگنڊن جي باوجود ايم ڪيو ايم جي يوم تاسيس جي اجتماع ۾ لکين عوام جي شرڪت ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين جي حق ۾ ريفرنڊم آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين

                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته تمام تر ظلمن ۽ ڪوڙن پروفيگنڊن جي باوجود ايم ڪيو ايم جي يوم تاسيس جي اجتماع ۾ لکين ماڻهن جي شرڪت ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين جي حق ۾ ريفرنڊم آهي.
Read More    Posted on: 19 Mar 2016
آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ پاڪ فوج ڏانهن هڪ ڀيرو ٻيهر مان دوستي جو هٿ وڌايان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ پاڪ فوج ڏانهن هڪ ڀيرو ٻيهر دوستي جو هٿ وڌائيندي پيشڪش ڪئي آهي ته پاڪستان جي بقا و سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ ماضي کي فراموش ڪيو وڃي. ۽ مهاجرن کي سيني سان لڳايو وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي موقعي تي لنڊن ۽ پاڪستان جي 37 کان وڌيڪ هنڌن تي وڊيو لنڪ جي ذريعي  ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو
Read More    Posted on: 19 Mar 2016
ايم ڪيو ايم ليبر ڊويزن جي آفيشل ويب سائيٽwww.labourdivisionmqm.org جو افتتاح ڊاڪٽر فاروق ستار ڪيو
ايم ڪيو ايم جي 32 يوم تاسيس جي موقعي تي جناح گرائونڊ ۾ ايم ڪيو ايم ليبر ڊويزن جي ويب سائيٽ http://labourdivisionmqm.org   جو افتتاح ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار ڪيو. ان موقعي تي ليبر ڊويزن جو انچارج ۽ ٻيا به موجود هئا. 
Read More    Posted on: 18 Mar 2016
ڊاڪٽر فاروق ستار تحريڪي ترانن تي ٻڌل سي ڊي جو اجرا ڪيو
                جناح گرائونڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي تحريڪي ترانن تي ٻڌل سي ڊي جو اجرا ڪيو. جنهن جو عنوان هو ڇڏينداسين نه اسان توهان جو ساٿ” ان سي ڊي جو اجرا ڊاڪٽر فاروق ستار ڪيو. ان  موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر امين الحق به موجود هئا. 
Read More    Posted on: 18 Mar 2016
ڊاڪٽر فاروق ستار ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي موقعي تي قرارداد پيش ڪئي جنهن کي هٿ مٿي کڻي ڪري منظُور ڪيو ويو
   متحده قومي موومينٽ جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي موقعي تي هڪ قرارداد پيش ڪئي جنهن کي هٿ مٿي کڻي ڪري منظور ڪيو ويو. قرارداد نمبر 1 قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تان ميڊيا جي پابندي هٽائي وڃي ۽ اهو پنڊال ان پابندي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت به ڪري ٿو. 2  پاڪستان جي سلامتي ۽ بقا جي لاءِ پاڪستان ۾ 20 صوبا قائم ڪيا وڃن. 3  چونڊيل مڪاني نمائندن کي اختيار ڏنا وڃن 4  اڄ اهو پنڊال ايم ڪيو ايم جي 32 هين
Read More    Posted on: 18 Mar 2016
ايمانداري سان آدم شماري ڪرائي وڃي، مڪاني نمائندن کي اختيار ۽ وسيلا ڏنا وڃن ۽ ملڪ ۾ 20 صوبا قائم ڪيا وڃن. ڊاڪٽر فاروق ستار
   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته 24 سالن کان پوءِ پاڪستان قائم نه رهي سگهيو هو ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجي قيام جا 32 مڪمل ڪري رهي آهي، اهو هڪ اشارو به آهي ته باقي بچيل پاڪستان جي بقا  و سلامتي جي ضمانت 32 سالن کان هر چينلج جو مقابلو ڪرڻ  وارو ئي ڏيئي سگهي ٿو. انهن خيالن جو اظهار انهن جناح گرائونڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ٻيا به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اسان جو سياسي عمل ۽ جناب الطاف حسين جو نظريو اڄ 32 سالن جو ٿي ويو آهي. انهن چيو ته اهڙيون سوين سازشون 32 سالن
تصاویر
Read More    Posted on: 18 Mar 2016
پروفيسر ڊاڪٽر شڪيل اوج جي گهر ۾ باھ جي واقعي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار

                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر شڪيل اوج جي گهر ۾ لڳندڙ باھ جي واقعي تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ڊاڪٽر شڪيل اوج جي گهر ۾ لڳندڙ باھ جي واقعي جي تحقيقات ڪرائي وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو 
Read More    Posted on: 17 Mar 2016
ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي موقعي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان خصوصي پيغا

                 قائد تحريڪ جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم جي جدوجهد جو مقصد ملڪ کان فرسوده جاگيرداراڻه نظام، ڪرپٽ سياسي ڪلچر ۽ موروثي سياست جو خاتمو آهي ۽ انشاء الله تعالٰي ايم ڪيو ايم جي جدوجهد ڪاميابي ماڻيندي ۽ سڄي ملڪ ۾ غريبن جي حڪمراني قائم ٿيندي. ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي موقعي تي پنهنجي هڪ خصوصي پيغام 
Read More    Posted on: 17 Mar 2016
ايم ڪيو ايم جي طرفان ڪراچي ۾ صفائي مهم ختم نه ڪئي وئي آهي بلڪه يوم تاسيس جي اجتماع جي تيارين جي ڪري ٻن ڏينهن جي لاءِ ملتوي ڪئي وئي آهي.ترجمان. ايم ڪيو ايم
                  متحده قومي موومينٽ جي ترجمان واضع ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي طرفان ڪراچي ۾ جاري صفائي مهم ختم نه ڪئي وئي آهي بلڪه 18 مارچ تي يوم تاسيس جي تيارين جي ڪري ٻن ڏينهن جي لاءِ  ملتوي ڪئي وئي آهي. جمعي جي ڏينهن يوم تاسيس آهي ان کان پوءِ ڇنڇر جي ڏينهن کان صفائي مهم ٻيهر شروع ڪئي ويندي. 
Read More    Posted on: 17 Mar 2016
ايم ڪيو ايم جي خلاف نئون گروپ جوڙڻ جي ڪوششن جي پويان اسٽيبلشمينٽ جا ڪجھھ عناصر ملوث آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين

                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ماضي وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ سازشون ڪيون پيون وڃن ۽  اهي رپورٽون به ملي رهيون آهن ته ايم ڪيو ايم جي خلاف جيڪو نئون گروپ جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ان جي پويان اسٽيبلشمينٽ جا ڪجھھ عناصر ملوث آهن
Read More    Posted on: 17 Mar 2016
متحده قومي موومينٽ جي تحت 18 مارچ بروز جمعي تي ايم ڪيو ايم جو 32 هون يوم تاسيس تنظيمي جوش و جذبي سان ملهايو ويندو. ايم ڪيو ايم


                  متحده قومي موومينٽ جي تحت 18 مارچ بروز جمعي تي ايم ڪيو ايم جو 32 هون يوم تاسيس تنظيمي جوش و جذبي سان ملهايو ويندو. ان سلسلي ۾ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت سڄي ملڪ ۾ اجتماع منعقد ٿيندا. جڏهن ته ان سلسلي جو مرڪزي اجتماع نائن زيرو تي جناح گرائونڊ ۾ منعقد ٿيندو. انهن سمورن اجتماعن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين لنڊن کان ٽيليفونڪ خطاب به فرمائيندا.
Read More    Posted on: 17 Mar 2016
Items 316 to 330 of 2634