ڊاڪٽر فاروق ستار ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي موقعي تي قرارداد پيش ڪئي جنهن کي هٿ مٿي کڻي ڪري منظُور ڪيو ويو
ڪراچي: 18 مارچ 2016
متحده قومي موومينٽ جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي موقعي تي هڪ قرارداد پيش ڪئي جنهن کي هٿ مٿي کڻي ڪري منظور ڪيو ويو. قرارداد نمبر 1 قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تان ميڊيا جي پابندي هٽائي وڃي ۽ اهو پنڊال ان پابندي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت به ڪري ٿو. 2 پاڪستان جي سلامتي ۽ بقا جي لاءِ پاڪستان ۾ 20 صوبا قائم ڪيا وڃن. 3 چونڊيل مڪاني نمائندن کي اختيار ڏنا وڃن 4 اڄ اهو پنڊال ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي موقعي تي جناب الطاف حسين سان تجديد عهد وفا ڪري ٿو ته اسان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي يقين ڏياريون ٿا ته ايم ڪيو ايم جو هڪ هڪ سچو ڪارڪن حق پرست شهيدن جي قربانين کي رائيگان وڃڻ نه ڏيندو ۽ جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ حق پرستي جي جدوجهد جاري رکندو.