پروفيسر ڊاڪٽر شڪيل اوج جي گهر ۾ باھ جي واقعي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار
ڪراچي:17 مارچ 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر شڪيل اوج جي گهر ۾ لڳندڙ باھ جي واقعي تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ڊاڪٽر شڪيل اوج جي گهر ۾ لڳندڙ باھ جي واقعي جي تحقيقات ڪرائي وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڊاڪٽر شڪيل اوج جي وحشياڻي قتل کان پوءِ انهن جي گهر وارن کي خوف زده به ڪيو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته ان کان اڳ انهن جي گهر وارن جي گاڏي تي حملو ڪيو ويو ۽ اڄ انهن جي گهر ۾ باھ لڳڻ جو واقعو پيش آيو آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته حڪومت جو فرض آهي ته اها ان باھ لڳڻ جي واقعي جي تحقيقات ڪرائي ۽ ان واقعي ۾ ملوث عناصر کي گرفتار ڪري سخت ترين سزا ڏي ۽ ڊاڪٽر شڪيل اوج جي گهر وارن کي تحفظ به فراهم ڪري.
*****