Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي نالي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو هنگامي خط


آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي نالي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو هنگامي خط
 Posted on: 3/20/2016
آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي نالي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو هنگامي خط
قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جا ڪجھھ آفيسر ايم ڪيو ايم جي ذميوارن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سينيٽرن کي گهرائي ڪري ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن ته جيڪڏهن انهن ايم ڪيو ايم جي غدارن جي نئين ٽولي جو ساٿ نه ڏنو ته انهن کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن: 20 مارچ 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي نالي پنهنجي هڪ هنگامي خط ۾ انتهائي اهم ۽ حساس معاملي ڏانهن توجه ڏياريندي لکيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ قانون نافذ ڪرڻ واري اداري جا ڪجھھ آفيسر ايم ڪيو ايم جي ذميوارن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سينيٽرن کي گهرائي ڪري ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن ته جيڪڏهن انهن ڪراچي آندل ايم ڪيو ايم جي غدارن جي نئين ٽولي جو ساٿ نه ڏنو ته انهن کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا. جناب الطاف حسين جنرل راحيل شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته مهاجر غير مسلم نه بلڪه سچا ۽ پڪا مسلمان ۽ محب وطن پاڪستاني آهن. انهن جي خلاف قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي ڪجھھ آفيسرن جو اهو رويو الله تعالٰي کي به پسند نه ايندو. ان جي ڪري اوهان جو فرض آهي ته اوهان اهڙن آفيسرن جي خلاف فوري طور تي ڪاروائي ڪريو. جناب الطاف حسين فرمايو ته اها صورتحال ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ هر عقلمند جي لاءِ ڳڻتي واري ڳالھھ کان گهٽ نه آهي. 
*****

5/5/2024 3:02:48 PM