تمام تر ظلمن، ڪوڙن الزامن ۽ پروفيگنڊن جي باوجود ايم ڪيو ايم جي يوم تاسيس جي اجتماع ۾ لکين عوام جي شرڪت ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين جي حق ۾ ريفرنڊم آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن: 19 مارچ 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته تمام تر ظلمن ۽ ڪوڙن پروفيگنڊن جي باوجود ايم ڪيو ايم جي يوم تاسيس جي اجتماع ۾ لکين ماڻهن جي شرڪت ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين جي حق ۾ ريفرنڊم آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي موقعي تي لنڊن ۽ پاڪستان جي 37 کان وڌيڪ هنڌن تي وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندي فرمايو. جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ 32 هين يوم تاسيس ۾ ايتري وڏي تعداد ۾ ڪارڪن ۽ عوام آيا آهن جو ان کان پهرين نه آيا هئا. اڄ ايتري وڏي تعداد ۾ عوام جي شرڪت ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين جي حق ۾ ريفرنڊم آهي. اڄ هر ڪارڪن، بزرگ، امڙ، ڀيڻ، معذور ۽ هر هڪ ماڻهو گهر کان نڪري ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته توهان ڪجھھ به ڪري وٺو پر اسان پنهنجي ڀاءُ الطاف حسين سان گڏ هئاسين، گڏ آهيون ۽ گڏ رهنداسين.
*****