Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
ايم ڪيو ايم جي يوم تاسيس جي اجتماع ۾ پاڪستان ۾ انتظامي بنيادن تي 20 صوبا قائم ڪرڻ جي قرارداد منظور ڪئي وئي

                 ايم ڪيو ايم برطانيه جي زير اهتمام لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي اجتماع ۾ رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت پاڪستان ۾ انتظامي بنيادن تي 20 صوبن جي قيام جي قرارداد پيش ڪئي. اجتماع ۾ موجود حاضرين پنهنجا هٿ مٿي کڻي ڪري ان قرارداد جي ڀرپور حمايت ڪئي. نديم نصرت چيو ته حديث نبوي پاڪ صلي الله عليه وسلم آهي ته جڏهن آبادي وڌڻ لڳي ته نوان نوان شهر آباد ڪريو. پاڪستان جي آبادي به هن وقت 20 ڪروڙن کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي.
Read More    Posted on: 28 Mar 2016
اسان پاڪستان جا وفادار هئاسين ۽ وفادار آهيون. ڪنوينر نديم نصرت

                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت چيو آهي ته اسان پاڪستان جا وفادار هئاسين ۽ وفادار آهيون. اسٽيبلشمينٽ کي ايم ڪيو ايم جو مينڊيٽ تسليم ڪرڻ گهرجي ۽ معاملن جي حل جي لاءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ڳالھھ ڪرڻ گهرجي ۽ اهو سمجهڻ گهرجي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ئي ڪروڙين ماڻهن جا قائد آهن ۽ هٿ ٺوڪيل ماڻهن کي سامهون آڻڻ ڪروڙين ماڻهن جي مينڊيٽ سان سراسر زيادتي آهي
Read More    Posted on: 28 Mar 2016
اسان امن پسند آهيون ۽ سمورا مسئلا ڳالھھ ٻولھھ ۽ ڊائيلاگ جي ذريعي حل ڪرڻ چاهيون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين

                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اسان امن پسند آهيون ۽ سمورا مسئلا ڳالھھ ٻولھھ ۽ ڊائيلاگ جي ذريعي حل ڪرڻ چاهيون ٿا
Read More    Posted on: 28 Mar 2016
مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ عورتن نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي سان گڏجي ايسٽر جو ڏڻ ملهايو
متحده قومي موومينٽ جي شعبي اقليتي امور جي تحت مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ عورتن نائن زيرو تي خورشيد بيگم سڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عارف خان ۽ محمد اسماعيل قريشي سان گڏجي ايسٽر جو ڏڻ ملهايو ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي ايسٽر جي ڏڻ جي مبارڪباد به پيش ڪئي.
Read More    Posted on: 27 Mar 2016
ايم ڪيو ايم جي طرفان اين اي 245 ۾ ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ ڪارنر ميٽنگن جو انعقاد
ايم ڪيو ايم جي تحت اين اي 245 ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ نارٿ ناظم آباد جي يوسين 15 ،16 ،18 ،20  ، 21 ۽ 23 ۾ ڪارنر ميٽنگن جو انعقاد ڪيو ويو. ڪارنر ميٽنگن کي اين اي 245 جي حق پرست اميدوار محمد ڪمال خطاب ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي واحد جماعت آهي جنهن صرف کوکلا نعرا نه هنيا آهن بلڪه عملي ڪم به ڪري ڏيکاريو آهي 
Read More    Posted on: 27 Mar 2016
سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبر محترمه هيرسوهو جي ماسڙ الله ڏنو سوهو جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب  الطاف حسين سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبر محترمه هير سوهو جي ماسڙ الله ڏنو سوهو جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن
Read More    Posted on: 27 Mar 2016
لاهور گلشن پارڪ ۾ بم ڌماڪو کليل دهشت گردي آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ رابطا ڪميٽي جي سمورن ميمبرن لاهور گلشن پارڪ ۾ خود ڪش ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان واقعي ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهن جي هلاڪ ۽ 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ فسوس جو اظهار ڪيو آهي. 
Read More    Posted on: 27 Mar 2016
لاهور جي علائقي گلشن اقبال پارڪ ۾ بم ڌماڪو دهشت گردي ۽ ظلم جو هڪ وڏو واقعو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين لاهور جي علائقي گلشن اقبال پارڪ ۾ بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان دهشت گردي جي واقعي ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهن جي هلاڪ ۽ 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اهو دهشت گردي ۽ ظلم جو هڪ انتهائي وڏو واقعو آهي
Read More    Posted on: 27 Mar 2016
نواب شاھ ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ريلي ڪڍي وئي
نواب شاھ زون جي زير اهتمام ايم ڪيو ايم جي باني ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ هڪ ريلي ڪڍي وئي. جنهن ۾ سنڌ تنظيمي جي ميمبر عظيم دانش، زونل انچارج عبدالمجيد ايڊووڪيٽ 
Read More    Posted on: 27 Mar 2016
ايم ڪيو ايم برطانيه جي زير اهتمام ايم ڪيو ايم جو 32 هون يوم تاسيس لنڊن ۾ ملهايو ويو
ايم ڪيو ايم جو 32 هون يوم تاسيس لنڊن ۾ ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم برطانيه جي زير اهتمام لنڊن جي علائقي ايجوئير جي مقامي هال ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي.جنهن ۾ لنڊن سان گڏو گڏ برمهنگم، مانچسٽر، شيفيلڊ، بريڊ فورڊ، ڪوونٽري، نوٽنگم ۽ ٻين علائقن ۾ مقيم ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن، ڪاليجن جي شاگردن ۽ همدردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
Read More    Posted on: 27 Mar 2016
پريس ڪلب تي جاگ ٽي وي جي ڊي ايس اين جي ۽ اسٽاف تي حملو آزادي صحافت تي حملو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي پريس جي ٻاهران جاگ ٽي وي جي ڊي ايس اين جي ۽ اسٽاف تي حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان واقعي کي آزادي صحافت تي حملو قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته جاگ ٽي وي جو اسٽاف  پريس ڪلب جي ٻاهران پنهنجيون صحافتي ذميواريون انجام ڏيئي رهيو هو ته ڪن شر پسندن انهن تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ ڊي ايس اين جي کي سخت نقصان پهتو ۽ اسٽاف به سخت زخمي ٿي پيو
Read More    Posted on: 27 Mar 2016
لاهور بم ڌماڪي جي زخمين جون جانيون بچائڻ جي لاءِ رت جا عطيا ڏنا وڃن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ڪارڪنن ۽ عوام کي اپيل
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين  ڪارڪنن ۽ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي لاهور گلشن پارڪ ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي لاءِ اسپتال پهچي ڪري رت جا عطيات ڏين ۽ زخمين جون جانيون بچائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
Read More    Posted on: 27 Mar 2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي لاءِ سکر زون جي تحت ريلي جو انعقاد

                 متحده قومي موومينٽ سکر زون جي تحت قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ سکر زون آفيس جناح چوڪ کان هڪ عظيم الشان ريلي ڪڍي وئي. جنهن ۾ سکر زونل انچارج شهزاد گلفام۽ ميمبرن، اسيمبلي ميمبرن، چيئرمينن، ڪائونسلرن، ڪارڪنن ۽ همدردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
Read More    Posted on: 26 Mar 2016
ڪارڪن َ ايم ڪيو ايم جي سڃاڻ آهن ۽ انهن جو هر سٺو عمل تحريڪي پيغام جو عڪاس آهي. رابطا ڪميٽي ميمبرَ

                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن اقبال مقدم ۽ محمد حسين چيو آهي ته ڪارڪن ايم ڪيو ايم جي سڃاڻ آهن ۽ دشمن به ايم ڪيو ايم جي نظم و ضبط جو اعتراف ڪن ٿا. انهن خيالن جو اظهار انهن ميرپورخاص جي جناح هال بلديه ڪمپليڪس ۾ جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ٻيا به موجود هئا. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ملڪ جي نوجوانن ۾ اهو جذبو پيدا 
Read More    Posted on: 26 Mar 2016
ايم ڪيو ايم ميرپورخاص جي زونل ميمبر آفاق احمد خان جي والد مشتاق احمد خان جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم ميرپورخاص زون جي ميمبر آفاق احمد خان جي والد مشتاق احمد خان جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
Read More    Posted on: 26 Mar 2016
Items 271 to 285 of 2634