Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ ۽ ان کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر 1992 وارو ڊرامو ورجايو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم ترجمان

                   متحده قومي موومينٽ جي ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ، ان کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ ۽ مهاجرن سميت مظلوم عوام جو اتحاد ٽوڙڻ جي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر 1992 وارو ڊرامو ورجايو پيو وڃي. پر انشاء الله تعالٰي ماضي وانگر هن ڀيري به اهي سازشون ناڪام ٿينديون. ترجمان چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جڏهن کان مهاجرن جي حقن جي لاءِ جدوجهد جو آغاز ڪيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم وجود ۾ آئي آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي طرفان مهاجرن جي ان واحد نمائنده جماعت کي ختم ڪرڻ ۽ قائد تحريڪ  جناب الطاف حسين کي رستي تان هٽائڻ جون سازشون ڪيون وينديون رهيون آهن
Read More    Posted on: 07 Mar 2016
چارسده جي تعلقي شبقدر ۾ سيشن ڪورٽ جي ويجهو خودڪش بم ڌماڪي تي ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر نديم نصرت جي طرفان مذمت جو اظهار
متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر نديم نصرت چارسده جي تعلقي شبقدر ۾ سيشن ڪورٽ جي ويجهو خودڪش بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ بم ڌماڪي ۾ ڪيترن ئي پوليس اهلڪارن جي هلاڪ ۽ ڪيترن ئي جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي
Read More    Posted on: 07 Mar 2016
قائد جي شهر ڪراچي کي صاف رکڻ ۽ شهرين کي صحت مند ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيل صفائي مهم جي سلسلي ۾ ٽائون ۽ يوسيز جي سطح تي ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي اجلاسن جو سلسلو جاري آهي
 متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام قائد جي شهر ڪراچي کي صاف رکڻ ۽ شهرين کي صحت مند ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيل صفائي مهم جي سلسلي ۾ ٽائون ۽ يوسيز جي سطح تي ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي اجلاسن جو سلسلو جاري آهي. انهن اجلاسن ۾ رابطا ڪميٽي، حق پرست اسيمبلي ميمبر ۽ مڪاني نمائندا به شرڪت ڪري رهيا آهن
Read More    Posted on: 07 Mar 2016
تمام تر سازشن ۾ ناڪامي کان پوءِ هاڻي ملڪ دشمني ۽ غداري جا الزام هڻي ڪري ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. نديم نصرت


                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت چيو آهي ته تمام تر سازشن ۾ ناڪامي کان پوءِ هاڻي ملڪ دشمني ۽ غداري جا الزام هڻي ڪري ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن ۽ مهاجرن کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي. پر اسان ڪنهن به ظلم جي اڳيان پنهنجو سر نه جهڪائينداسين ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين
Read More    Posted on: 07 Mar 2016
ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون سازشون ماضي ۾ به ناڪام ٿيون ۽ انشاء الله تعالٰي هاڻي به ناڪام ٿينديون.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم حق ۽ سچ جي تحريڪ آهي. ان کي ختم ڪرڻ جون سازشون ماضي ۾ به ناڪام ٿيون ۽ انشاء الله تعالٰي هاڻي به ناڪام ٿينديون. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي يڪجهتي جي اظهار  جي لاءِ گڏ ٿيندڙ ڪارڪنن کي فون تي خطاب ڪندي فرمايو.ان موقعي تي نائن زيرو ۽ آس پاس جون گهٽيون ڪارڪنن سان ڀريل هيون. 
Read More    Posted on: 07 Mar 2016
ايم ڪيو ايم ڪوئيٽا زون جي زير اهتمام جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ڪوئيٽا پريس ڪلب تي ريلي ڪڍي وئي
                   متحده قومي موومينٽ  ڪوئيٽا زون جي زير اهتمام ڪوئيٽا پريس ڪلب تي جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي سربراهي ڪوئيٽا زون جي انچارج جنت گل ڪاڪڙ ڪئي. ان موقعي تي بلوچستان ڪميٽي جا ميمبر نديم شيخ، الطاف 
Read More    Posted on: 06 Mar 2016
ايم ڪيو ايم جي گرفتار ڪارڪنن ۽ لاپتا ڪارڪنن جون وفاداريون تبديل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جا جيڪي ڪارڪن گرفتار يا لاپتا آهن انهن جي گهرن تي اڻ ڄاتل سرڪاري اهلڪار فون ڪري انهن جي والدين کي چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن اوهان پنهنجن ٻارن جي آزادي چاهيو ٿا ته 
Read More    Posted on: 06 Mar 2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي نياڻي افضا الطاف پنهنجي چوڏهين سالگره جو ڪيڪ پنهنجي والد سان گڏ ڪٽيو
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي نياڻي افضا الطاف پنهنجي چوڏهين سالگره جو ڪيڪ پنهنجي والد سان گڏ ڪٽيو. نائن زيرو تي موجود رابطا ڪميٽي جي ميمبرن به وڊيو لنڪ جي ذريعي ان تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سمورن ذميوارن ۽ 
Read More    Posted on: 05 Mar 2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي نياڻي افضا الطاف جي چوڏهين سالگره، ايم ڪيو ايم جي طرفان نائن زيرو تي لال قلعه گرائونڊ ۾ ورائٽي پروگرام جو انعقاد
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام لال قلعه گرائونڊ ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي نياڻي افضا الطاف جي چوڏهين سالگره ملهائي وئي. جنهن ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي ادي محترمه سائره خاتون ۽ ٻين مائٽن کان علاوه رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان، ڊپٽي ڪنوينرن ڪهف الورٰي ۽ شاهد پاشا، رابطا ڪميٽي
تصاویر کراچی حیدرآباد میرپورخاص  ٹنڈوالہ یار  دادو
Read More    Posted on: 05 Mar 2016
پاڪستان جي سياسي منظر نامي کي هاڻي تبديل ٿيڻ گهرجي ۽ ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي دل سان تسليم ڪيو وڃي.ڊاڪٽر فاروق ستار
 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته اسان کي پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ تنظيمي ڪم ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم جڏهن به ٻين صوبن ۾ تنظيمي ڪمن کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ان جا پر ڪٽيا ويا آهن. انهن چيو ته پاڪستان جي سياسي منظر نامي کي هاڻي تبديل ٿيڻ گهرجي ۽ ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي دل سان تسليم ڪيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پنهنجن
Read More    Posted on: 05 Mar 2016
مخدوم جاويد هاشمي جي طرفان عمران خان جي ڌرڻي جي دوران انتهائي سنگين الزامن جي تحقيقات جي لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙيو وڃي. بيرسٽر محمد علي سيف
                   متحده قومي موومينٽ جي سينيٽر بيرسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته پي ٽي آئي جي سابق صدر مخدوم جاويد هاشمي جي طرفان عمران خان جي ڌرڻي جي دوران عمران خان ۽ تحريڪ انصاف تي لڳايل الزامن جي تحقيقات جي لاءِ فوري طور تي جوڊيشل ڪميشن جوڙيو وڃي. انهن چيو  ته ڌرڻي جي حوالي سان مخدوم جاويد هاشمي جيڪي انتهائي سنگين انڪشاف ڪيا هئا انهن جي مطابق عمران خان کي 
Read More    Posted on: 05 Mar 2016
متحده قومي موومينٽ جو آمريڪا واشنگٽن ڊي سي چيپٽر تحليل ڪري ٻه رڪني ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان
                 متحده قومي موومينٽ آمريڪا وشنگٽن ڊي سي جي ڪارڪنن جو جنرل ورڪرز اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سينٽرل آرگنائيزر متين يوسف، جوائنٽ انچارج فرحين رضوي ، ڪميٽي معاون شاهد معين ۽ ٻين ذميوارن کان علاوه ڪارڪنن به شرڪت ڪئي.  ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي فرحين رضوي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي پنهنجن ڪارڪنن مان وڏيون اميدون وابسته آهن. انهن چ
Read More    Posted on: 05 Mar 2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي بي بنياد الزام نئين بوتل ۾ پراڻي شراب هئڻ جي برابر آهن. واسع جليل
                 متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام ڪارڪنن جو جنرل ورڪرز اجلاس ٿيو جنهن ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي نگران ڊاڪٽر نديم احسان، سينٽرل آرگنائيزر آصف قاضي ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي 
Read More    Posted on: 05 Mar 2016
ايم ڪيو ايم عوامي مينڊيٽ رکڻ واري وڏي سياسي جماعت آهي جنهن کي عوام ڪيترائي ڀيرا مينڊيٽ ڏنو آهي. نديم نصرت
لنڊن ۾ مقيم ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر نديم نصرت چيو آهي ته ايم ڪيو ايم عوامي مينڊيٽ رکڻ واري وڏي سياسي جماعت آهي. جنهن کي عوام ڪيترائي ڀيرا مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ اڄ به ان جا چونڊيل سينيٽر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر، يوسي ناظم ۽ ڪائونسلر آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو 
Read More    Posted on: 04 Mar 2016
مظفر آباد ۽ ميرپور خاص پريس ڪلب تي ايم ڪيو ايم آزاد ڪشمير جي تحت قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ريليون
ايم ڪيو ايم آزاد ڪشمير جي زير اهتمام مظفر آباد ۽ ميرپور پريس ڪلب جي ٻاهران قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ريليون ڪڍيون ويون. جن ۾ ڪارڪنن ۽ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. 
Read More    Posted on: 04 Mar 2016
Items 376 to 390 of 2634