قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي لاءِ سکر زون جي تحت ريلي جو انعقاد
سکر: 26 مارچ 2016
متحده قومي موومينٽ سکر زون جي تحت قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ سکر زون آفيس جناح چوڪ کان هڪ عظيم الشان ريلي ڪڍي وئي. جنهن ۾ سکر زونل انچارج شهزاد گلفام۽ ميمبرن، اسيمبلي ميمبرن، چيئرمينن، ڪائونسلرن، ڪارڪنن ۽ همدردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي شهزاد گلفام چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي من گهڙت الزام لڳائڻ وارا ماضي ۾ به ذليل و خوار ٿيا هئا ۽ هن ڀيري به ذليل و خوار ٿيندا. انهن چيو ته ڪارڪن ڪالھھ به قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان گڏ هئا ۽ اڄ به انهن سان گڏ آهن ۽ سڄي زندگي انهن سان گڏ رهندا. انهن چيو ته اسان ايم ڪيو ايم کي ٽوڙڻ وارن کي اهو ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اهو سازشن جو سلسلو فوري طور تي ختم ڪيو وڃي ۽ جناب الطاف حسين تان ميڊيا جون پابنديون هٽايون وڃن ۽ ملڪ جي ترقي و خوشحالي ۾ جناب الطاف حسين جي ڪردار کي تسليم ڪيو وڃي.انهن چيو ته سکر ڪالھھ به جناب الطاف حسين جو شهر هو ۽ هميشه جناب الطاف حسين جو ئي شهر رهندو.
*****