نواب شاھ ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ريلي ڪڍي وئي
نواب شاھ: 27 مارچ 2016
نواب شاھ زون جي زير اهتمام ايم ڪيو ايم جي باني ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ هڪ ريلي ڪڍي وئي. جنهن ۾ سنڌ تنظيمي جي ميمبر عظيم دانش، زونل انچارج عبدالمجيد ايڊووڪيٽ ، ميمبرن، ڪارڪنن ۽ همدردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ذميوارن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ نواب شاھ ضلعي جا عوام هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندا رهندا. انهن چيو ته ڪارڪن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي انقلابي فلسفي کي فروغ ڏين . انهن چيو ته نواب شاھ جي ڪارڪنن هر ڏکئي وقت ۾ تحريڪ جو ساٿ ڏنو آهي ۽ اهي آخري ساھ تائين قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان جڙيل رهندا.
*****