لاهور گلشن پارڪ ۾ بم ڌماڪو کليل دهشت گردي آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
ڪراچي: 27 مارچ 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ رابطا ڪميٽي جي سمورن ميمبرن لاهور گلشن پارڪ ۾ خود ڪش ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان واقعي ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهن جي هلاڪ ۽ 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ فسوس جو اظهار ڪيو آهي. انهن چيو ته معصوم ۽ بي گناھ شهرين جي رت سان هولي کيڏندڙ دهشت گرد انسانيت جا کليل دشمن آهن. انهن هلاڪ ٿيندڙن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ زخمي ٿيندڙن کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي.آمين.
*****