مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ عورتن نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي سان گڏجي ايسٽر جو ڏڻ ملهايو
ڪراچي: 27 مارچ 2016
متحده قومي موومينٽ جي شعبي اقليتي امور جي تحت مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ عورتن نائن زيرو تي خورشيد بيگم سڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عارف خان ۽ محمد اسماعيل قريشي سان گڏجي ايسٽر جو ڏڻ ملهايو ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي ايسٽر جي ڏڻ جي مبارڪباد به پيش ڪئي. ان موقعي تي رابطاڪميٽي جي ميمبرن به مسيحي برادري کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان ايسٽر جي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته مسيحي برادري ان ڏڻ جي موقعي تي پنهنجين عبادتن ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر، صحت و سلامتي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي ۽ سازشن جي خاتمي جي لاءِ دعائون ڪن.
*****