ايم ڪيو ايم جي طرفان اين اي 245 ۾ ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ ڪارنر ميٽنگن جو انعقاد
ڪراچي: 27 مارچ 2016
ايم ڪيو ايم جي تحت اين اي 245 ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ نارٿ ناظم آباد جي يوسين 15 ،16 ،18 ،20 ، 21 ۽ 23 ۾ ڪارنر ميٽنگن جو انعقاد ڪيو ويو. ڪارنر ميٽنگن کي اين اي 245 جي حق پرست اميدوار محمد ڪمال خطاب ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي واحد جماعت آهي جنهن صرف کوکلا نعرا نه هنيا آهن بلڪه عملي ڪم به ڪري ڏيکاريو آهي ۽ نوجوانن کي ملڪ جي ايوانن ۾ موڪليو آهي. ان کان پوءِ ايم ڪيو ايم شعبه خواتين ۽ ايلڊر ونگ جي ميمبرن هڪ هڪ گهر ۾ وڃي ڪري عوام کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو پيغام به پهچايو.
*****