قائد جي شهر ڪراچي کي صاف رکڻ ۽ شهرين کي صحت مند ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيل صفائي مهم جي سلسلي ۾ ٽائون ۽ يوسيز جي سطح تي ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي اجلاسن جو سلسلو جاري آهي
صفائي مهم ۾ عوام، ڪارڪن، مخير حضرات ۽ شهر جا معزز ماڻهو ايم ڪيو ايم سان ڀرپور تعاون ڪن. رابطا ڪميٽي جي اپيل
ڪراچي: 7 مارچ 2016
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام قائد جي شهر ڪراچي کي صاف رکڻ ۽ شهرين کي صحت مند ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيل صفائي مهم جي سلسلي ۾ ٽائون ۽ يوسيز جي سطح تي ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي اجلاسن جو سلسلو جاري آهي. انهن اجلاسن ۾ رابطا ڪميٽي، حق پرست اسيمبلي ميمبر ۽ مڪاني نمائندا به شرڪت ڪري رهيا آهن . صفائي مهم جو عوام ۽ ڪارڪنن جي طرفان زبردست خير مقدم ڪيو پيو وڃي. ان کان علاوه صفائي مهم جي سلسلي ۾ رابطا ڪميٽي جو هڪ اهم اجلاس خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ به ٿيو. جنهن ۾ صفائي مهم جي سلسلي ۾ ملندڙ تجويزن تي غور ڪيو ويو ۽ انهن کي حتمي شڪل به ڏني وئي. اجلاس ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم کي موجوده حالتن ۾ چئني طرفن کان سازشن جو سامنو آهي جن مان هڪ سازش اها به آهي ته ايم ڪيو ايم کي مختلف مسئلن ۾ وڪوڙي ڪري عوام جي خدمت کان روڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي عوام ، ڪارڪنن، مخير حضرات ۽ معزز شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي صفائي مهم ۾ ايم ڪيو ايم سان ڀرپور تعاون ڪن.
*****