مظفر آباد ۽ ميرپور خاص پريس ڪلب تي ايم ڪيو ايم آزاد ڪشمير جي تحت قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ريليون
مظفر آباد: 4 مارچ 2016
ايم ڪيو ايم آزاد ڪشمير جي زير اهتمام مظفر آباد ۽ ميرپور پريس ڪلب جي ٻاهران قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ريليون ڪڍيون ويون. جن ۾ ڪارڪنن ۽ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ريلين جي سربراهي آزاد ڪشمير ۾ قانون ساز اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر طاهر کوکر، ذميوارن مشڪور بلال بٽ ۽ عزت علي ڪئي. ان موقعي تي ريلين جي شرڪاء پنهنجن جذبن جو اظهار ڪندي چيو ته آزاد ڪشمير جا عوام جناب الطاف حسين سان گڏ آهن ۽ اهي آزاد ڪشمير ۾ ايندڙ زلزلي ۾ جناب الطاف حسين جي طرفان ڪيل مدد کي ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهن. انهن چيو ته جناب الطاف حسين مظلوم قومن جا مسيحا آهن ۽ انهن تي ڪوڙا ۽ بي هوده الزام لڳائڻ وارا هن دنيا ۾ ئي ذليل ٿيندا.
*****