ايم ڪيو ايم ڪوئيٽا زون جي زير اهتمام جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ڪوئيٽا پريس ڪلب تي ريلي ڪڍي وئي
ڪوئيٽا: 6 مارچ 2016
متحده قومي موومينٽ ڪوئيٽا زون جي زير اهتمام ڪوئيٽا پريس ڪلب تي جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي سربراهي ڪوئيٽا زون جي انچارج جنت گل ڪاڪڙ ڪئي. ان موقعي تي بلوچستان ڪميٽي جا ميمبر نديم شيخ، الطاف مينگل ۽ ٻين ذميوارن کان علاوه ڪارڪن به وڏي تعداد ۾ موجود هئا. ان موقعي تي ڪوئيٽا زون جي انچارج جنت گل ڪاڪڙ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ملڪ ۾ مظلوم قومن کي جناب الطاف حسين سڃاڻپ ڏني آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جي حمايت ۾ گهرن کان نڪري ڪري عوام ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته سياسي مداري پڻ جو مظاهرو ڪرڻ وارا ڪوڙا آهن. انهن چيو ته سڄي ملڪ جا عوام جناب الطاف حسين سان گڏ آهن ۽ ڪنهن به سازش جو شڪار نه ٿيندا.