قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم آمريڪا جي تنظيمي معاملن کي بهتر ۽ وڌيڪ منظم ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم آمريڪا جو جنرل ورڪرز اجلاس 14 فيبروري بروز آچر تي گهرايو آهي. ايم ڪيو ايم جو اعلان
واشنگٽن ڊي سي: 13 فيبروري 2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم آمريڪا جي تنظيمي ڪمن کي بهتر ۽ وڌيڪ منظم ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم آمريڪا جي ڪارڪنن جو جنرل ورڪرز اجلاس 14 فيبروري بروز آچر تي گهرائي ورتو آهي. جنرل ورڪرز اجلاس جي تيارين جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزر متين يوسف ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين هميشه پنهنجن ڪارڪنن سان رابطي ۾ رهن ٿا ۽ انهن جي رهنمائي ڪندا رهن ٿا. پر 14 فيبروري جي جي جنرل ورڪرز اجلاس جي خصوصيت اها آهي ته اهو موقعو هڪ ڊگهي وقت کان پوءِ اچي رهيو آهي جنهن ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پنهنجن ڪارڪنن سان سڌي ريت خيالن جي ڏي وٽ ڪندا.
*****