Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

محترمه فاطمه ثريا بجيا جهڙي وڏي هستي کي قومي سطح تي نظر انداز ڪرڻ وڏو قابل مذمت عمل آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


محترمه فاطمه ثريا بجيا جهڙي وڏي هستي کي قومي سطح تي نظر انداز ڪرڻ وڏو قابل مذمت عمل آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 2/15/2016
محترمه فاطمه ثريا بجيا جهڙي وڏي هستي کي قومي سطح تي نظر انداز ڪرڻ وڏو قابل مذمت عمل آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن: 15 فيبروري 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته محترمه فاطمه ثريا بجيا پاڪستان ئي نه بلڪه ننڍي کنڊ جي وڏي ڊرامه نگار ۽ اديبه هئي ، پر اهڙي وڏي هستي کي قومي سطح تي نظر انداز ڪيو ويو جيڪو انتهائي قابل مذمت آهي. اها ڳالھھ انهن ويلنٽائن ڊي جي موقعي تي نائن زيرو تي خطاب ڪندي فرمائي. انهن مهاجر دانشورن سان تعصب واري سلوڪ جو ذڪر ڪندي فرمايو ته پاڪستان ۾ محترمه فاطمه ثريا بجيا جهڙي ڊرامه نگار ۽ اديبه پيدا  ٿي نه ٿي سگهي. انهن پنهنجي قلم جي ذريعي پاڪستان جي وڏي خدمت ڪئي ۽ اها پاڪستان جي شان هئي ۽ رهندي. انهن فرمايو ته هجڻ ته اهو گهرجي ها ته محترمه فاطمه ثريا بجيا جي وفات تي وزير اعظم ميان نواز شريف سموريون مصروفيتون ڇڏي ڪري قومي سوڳ جو اعلان ڪن ها پر ايتري وڏي هستي کي قومي سطح تي نظر انداز ڪيو ويو ، جيڪو انتهائي قابل مذمت عمل آهي. ٽي وي تي محترمه فاطمه ثريا بجيا کي اهڙي طرح نظر انداز ڪيو ويو ڄڻ ته اها ڪا معمولي ڊرامه نگار هئي، اهڙي طرح معروف دانشور ۽ ليکڪ انتظار حسين زيدي جي وفات تي به قومي سطح تي اهڙو ئي رويو اختيار ڪيو ويو ڄڻ ته اهي به ڪي معمولي انسان هئا. جن نالي وارن دانشورن پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو. هزارين بيمارين جي باوجود پنهنجي قلم جي ذريعي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي. پنهنجي تحرير ۽ ڊرامن ۾ حب الوطني جو درس ڏيندا رهيا انهن سان غيرن جهڙن سلوڪ انتهائي افسوسناڪ آهي. اهو تعصب وارو رويو مهاجرن سان نفرت جي هڪ علامت آهي. 
*****

5/4/2024 9:48:16 AM