ذميوار يا ڪارڪن َ سڃاڻپ ڪارڊ، بينڪ اڪائونٽ يا ڪرائي جي جڳھھ جي لاءِ ڪنهن به اڻ ڄاڻ ماڻهو جي سفارش نه ڪن. رابطاڪميٽي جي هدايت
ڪراچي: 13 فيبروري 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي سمورن چونڊيل نمائندن، ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته اهي سڃاڻپ ڪارڊ، بينڪ اڪائونٽ يا ڪرائي جي جڳھھ جي حصول جي لاءِ ڪنهن به اڻ ڄاڻ ماڻهو يا جن جي ڪردار کان اهي چڱي نموني واقف نه هجن ته ان جي سفارش نه ڪن. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي سمورن اڳواڻڻ، ذميوارن، چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪنن تي زور ڏنو آهي ته اهي پنهنجن علائقن جي عوام جي جائز مسئلن جي حل جي لاءِ پنهنجو ڪردار ضرور ادا ڪن ۽ عوام جي خدمت به جاري رکن، پر نادرا جي سڃاڻپ ڪارڊ، بينڪ اڪائونٽ، ڪرائي جي جڳھھ يا ٻئي حوالي سان ڪنهن به اڻ ڄاڻ ماڻهو جنهن کي اهي چڱي نموني سڃاڻيندا نه هجن ته ان جي سفارش اهي هرگز به نه ڪن.
*****