معروف ميوزڪ ڪمپوزر روبن گوش جي فني خدمتن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن: 13 فيبروري 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ننڍي کنڊ جي نالي واري ميوزڪ ڪمپوزر روبن گوش جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته روبن گوش پاڪستان جي نالي واري اداڪاره شبنم جو مڙس ۽ شهرت يافته ميوزڪ ڪمپوزر هو. جن يادگار گانن ۽ نغمن جي ڌنون بڻائي ڪري موسيقي جي دنيا ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام بڻايو. جناب الطاف حسين فرمايو ته روبن گوش جي وفات سان موسيقي جي دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ خال کي آساني سان ڀري نه ٿو سگهجي. جناب الطاف حسين فن موسيقي جي لاءِ روبن گوش جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته روبن گوش جي فني خدمتن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. جناب الطاف حسين روبن گوش جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت جو اظهار به ڪيو.
*****