Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو نئون سلسلو شروع ڪري شهر جي حالتن کي خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار

                    ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو هڪ نئون سلسلو شروع ڪري شهر جو ماحول خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر 
Read More    Posted on: 08 May 2016
آفتاب احمد سميت ماورائي عدالت قتل ڪيل ڪارڪنن ۽ ڪارڪنن کي ڏاڍ جي زور تي لاپتا ڪرڻ جي خلاف ايم ڪيو ايم آمريڪا جو وائيٽ هائوس تي مظاهرو

                    متحده قومي موومينٽ جي سينيئر ڪارڪن آفتاب احمد جو رينجر جي حراست ۾ غير انساني تشدد جي نتيجي ۾ ماورائي عدالت قتل، قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي، ايم ڪيو ايم جي آفيسن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي غير قانوني ڇاپن، مهاجر ڪارڪنن جي گمشدگين ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن جي خلاف ايم ڪيو ايم آمريڪا جي تحت واشنگٽن ڊي سي ۾ وائيٽ هائوس جي سامهون هڪ وڏو مظاهرو ڪيو ويو
Read More    Posted on: 08 May 2016
ماءُ هڪ اها عظيم هستي آهي جنهن کي عزت ۽ احترام ڏيڻ کان سواءِ هي سماج مهذب ۽ ترقي يافته بڻجي نه ٿو سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين

                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ماءُ  کي عظمت ۽ احترام جو درجو ڏيئي ڪري ئي  دنيا ۽ آخرت جون سچيون خوشيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. ۽ ماءُ هڪ اها عظيم هستي آهي جنهن کي عزت ۽ احترام ڏيڻ کان سواءِ سماج ترقي يافته ۽ باشعور بڻجي نه ٿو سگهي. امڙين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ماءُ جي هنج ٻار جي لاءِ پهرين درسگاھ هوندي آهي ۽ ماءُ صرف ٻار جي نه بلڪه پوري نسل جي پرورش ڪري ٿي. 
Read More    Posted on: 08 May 2016
خرم ذڪي شهيد جي قاتلن ۽ انهن جي سرپرستن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين

                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي ۾ معروف سماجي ڪارڪن خرم ذڪي جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته خرم ذڪي شهيد جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين ڪراچي ۽ ان جي شهرين جي لاءِ خرم ذڪي جي سماجي خدمتن کي ساراهيندي
Read More    Posted on: 08 May 2016
ايم ڪيو ايم جي شهيد چيئرمين عظيم احمد طارق جي 23 هين ورسي لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي
                   ايم ڪيو ايم جي چيئرمين عظيم احمد طارق شهيد جي 23 هين ورسي لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ان موقعي تي شهيد جي مغفرت جي لاءِ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني به ڪئي وئي. ورسي ۾ ڊپٽي ڪنوينر ڪهف الورٰي، رابطا ڪميٽي ميمبرن، سينيٽرن، اسيمبلي ميمبرن، چيئرمينن، ڪائونسلرن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مولانا تنوير الحق ٿانوي چيئرمين عظيم احمد طارق شهيد سميت سمورن حق پرست شهيدن جي مغفرت ۽ انهن جي بلند درجات جي لاءِ دعا به ڪرائي. 
Read More    Posted on: 01 May 2016
معروف ادبي و سماجي شخصيتن جاويد منظر، عبدالمالڪ ۽ مير جاويد اقبال جي ايم ڪيو ايم ۾ شموليت تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان خير مقدم

                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين معروف ادبي ۽ سماجي شخصيتن جاويد منظر، عبدالمالڪ ۽ مير جاويد اقبال جي ايم ڪيو ايم ۾ شموليت جو خير مقدم ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته هڪ اهڙي موقعي تي جڏهن عوام کي بدظن ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي خلاف من گهڙت ۽ ڪوڙا الزام عائد ڪيا پيا وڃن. ۽ ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ جي لاءِ رياستي وسيلن جو ناجائز استعمال ڪيو پيو وڃي. انهن معروف شخصيتن جي طرفان ايم ڪيو ايم ۾ شموليت اختيار ڪرڻ ظالم قوتن
Read More    Posted on: 01 May 2016
ڪيبنيٽ ڊويزن جي سابق ڊائريڪٽر مير جاويد اقبال، رٽائرڊ سينيئر سول و اسٽنٽ سيشن جج عظمت الله، 40 ڪتابن جي مصنف پروفيسر مظفر حسين ملاٺي، نالي واري شاعر ڊاڪٽر جاويد منظر ۽ اردو يونيورسٽي جي سينيئر رٽائر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمالڪ ايم ڪيو ايم ۾ غير مشروط طور تي شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو

                   متحده قومي موومينٽ ۾ ملڪ جي نالي وارين شخصيتن جي شموليت جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ ڪيبنيٽ ڊويزن جي سابق ڊائريڪٽر مير جاويد اقبال، رٽائر سينيئر سول ۽ اسٽنٽ سيشن جج عظمت الله، 40 کان وڌيڪ ڪتابن جي مصنف پروفيسر مظفر حسين ملاٺي، نامور شاعر ڊاڪٽر جاويد منظر ۽ اردو يونيورسٽي جي سينيئر رٽائر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمالڪ ايم ڪيو ايم ۾ شموليت جو غير مشروط طور تي اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
Read More    Posted on: 01 May 2016
ضمير فروشن جي پارٽي جوائن ڪرڻ جي لاءِ سرڪاري ملازمن کي ڏنيون ويندڙ ڌمڪيون قابل مذمت آهن. نديم نصرت

                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت ضمير فروشن جي پارٽي جوائن ڪرڻ جي لاءِ سرڪاري ملازمن کي ڏنيون ويندڙ ڌمڪين ۽ انهن تي دٻاءُ جي هٿڪنڊن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته ڪجھھ طاقتور عناصر جي طرفان اهم ادارن جي سرڪاري ملازمن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته اهي ضمير فروشن جي پارٽي کي جوائن ڪري وٺن. 
Read More    Posted on: 01 May 2016
پاڪستان ۾ پورهيت طبقي جي مسئلن جو واحد حل فرسوده جاگيرداراڻه، وڏيراڻه ۽ سرمائيداراڻه نظام جو پاڙ کان خاتمو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين

                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پورهيت طبقو ڪنهن به معاشري جي جوڙ جڪ جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. جنهن کان سواءِ معاشري جي تعمير و  ترقي ناممڪن آهي ۽ ان جي شراڪت ۽ شموليت کي يقيني بڻايو وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن پهرين مئي “ پورهيت طبقي جي عالمي ڏينهن ” جي موقعي تي پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ فرمايو. انهن فرمايو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ رائج فرسوده جاگيرداراڻه، وڏيراڻه ۽ سرمائيداراڻه نظام جي 
Read More    Posted on: 01 May 2016
چيئرمين عظيم احمد طارق شهيد جو قتل ايم ڪيو ايم کي هن ڌرتي تان ميٽڻ جي هڪ وڏي سازش جو حصو هو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين

                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي سابق چيئرمين عظيم احمد طارق شهيد جي 23 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم جي خلاف فوجي آپريشن جي دوران پهرين مئي 1993 تي چيئرمين عظيم احمد طارق شهيد کي وڏي بي دردي سان قتل ڪيو ويو، انهن جو قتل ايم ڪيو ايم کي هن ڌرتي تان ميٽڻ جي هڪ وڏي سازش جو حصو هو
Read More    Posted on: 01 May 2016
ناانصافين جي خاتمي جي لاءِ ضروري ٿي ويو آهي ته الڳ صوبي جي لاءِ جدوجهد ڪئي وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته زندگي جي هر شعبي ۾ ڪئي ويندڙ ناانصافين ۽ حق تلفين جي خاتمي جي لاءِ هاڻي ضروري ٿي ويو آهي ته الڳ صوبي جي لاءِ جدوجهد ڪئي وڃي. ان جي لاءِ زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ مهاجر اڪابر ۽ پروفيشنل ماڻهو اسان جو ساٿ ڏين ۽ اڳتي وڌي ڪري ان عملي جدوجهد ۾ اسان جو ساٿ ڏين.
Read More    Posted on: 01 May 2016
جيئي سنڌ قومي محاذ ( آريسر گروپ ) جي وفد جي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي سان خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات

                   جيئي سنڌ قومي محاذ ( آريسر گروپ ) جي مرڪزي سيڪريٽري ڀلم ۽ ڪراچي ڊويزن جي ڪو آرڊينيٽر محمد جمن حمايتي جي سربراهي ۾ هڪ وفد خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي مميبرن امين الحق، عارف خان ، ارشد حسن ۽ اسلم آفريدي سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي عبدالواحد آريسر جي 3 مئي تي ٿيندڙ ورسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي سنڌ تنظيمي ڪميٽي جو جوائنٽ انچارج يوسف منير شيخ به موجود هو.
Read More    Posted on: 29 Apr 2016
سنڌ اسيمبلي جي ناقص سيڪيورٽي جو پول کولڻ جي ڏوھ ۾ اي آر وائي نيوز جي پروگرام “ سر عام ” جي ميزبان اقرار الحسن ۽ سرعام ٽيم جي ميمبرن جي گرفتاري تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار

                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سنڌ اسيمبلي جي ناقص سيڪيورٽي جو پول کولڻ جي ڏوھ ۾ اي آر وائي نيوز جي پروگرام“ سرعام ” جي ميزبان اقرار الحسن ۽ سرعام ٽيم جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سرعام جي ٽيم سنڌ اسيمبلي جي ناقص سيڪيورٽي جو ڀانڍو ڀڃي ڪري هڪ سٺو قدم کنيو آهي
Read More    Posted on: 29 Apr 2016
ايم ڪيو ايم ميرپورخاص زونل ڪميٽي جي ميمبر ۽ ڪائونسلر فاروق دراني کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت

                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم ميرپورخاص زونل ڪميٽي جي ميمبر ۽ ڪائونسلر فاروق جميل دراني کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته فاروق دراني جو شمار ميرپورخاص ۾ ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڪارڪنن ۾ ٿئي ٿو. اهي نه صرف ميرپورخاص جي زونل ڪميٽي جا ميمبر آهن بلڪه ڪائونسلر به آهن ۽ انهن جي خلاف ڪوئي به ڪيس نه آهي. 
Read More    Posted on: 29 Apr 2016
ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام تي ظلم ڪرڻ وارا حقيقي جا دهشت گرد قانون جي پڪڙ کان آزاد آهن ۽ کلي عام ڦرندا پيا وتن. رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين

                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر محمد حسين چيو آهي ته لائينز ايريا، لانڍي، ملير ، ڪورنگي ۽ شاھ فيصل ڪالوني ۾ حقيقي جي ڏوهاري دهشت گردن غنڊه گردي جو بازار گرم ڪري رکيو آهي ۽ انهن علائقن ۾ حقيقي جا دهشت گرد ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گهر وارن کي سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن 
Read More    Posted on: 29 Apr 2016
Items 151 to 165 of 2634