Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ميرپورخاص زونل ڪميٽي جي ميمبر ۽ ڪائونسلر فاروق دراني کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت


ايم ڪيو ايم ميرپورخاص زونل ڪميٽي جي ميمبر ۽ ڪائونسلر فاروق دراني کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي. ايم  ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت
 Posted on: 4/29/2016
ايم ڪيو ايم ميرپورخاص زونل ڪميٽي جي ميمبر ۽ ڪائونسلر فاروق دراني کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي. ايم  ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت
لنڊن: 29 اپريل 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم ميرپورخاص زونل ڪميٽي جي ميمبر ۽ ڪائونسلر فاروق جميل دراني کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته فاروق دراني جو شمار ميرپورخاص ۾ ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڪارڪنن ۾ ٿئي ٿو. اهي نه صرف ميرپورخاص جي زونل ڪميٽي جا ميمبر آهن بلڪه ڪائونسلر به آهن ۽ انهن جي خلاف ڪوئي به ڪيس نه آهي. فاروق دراني کي 22 اپريل تي پوليس ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن ميرپورخاص ۾ انهن جي گهر کان حراست ۾ ورتو هو. پر هڪ هفتو گذرڻ جي باوجود به هن مهل تائين نه ته انهن جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي اهو ٻڌايو پيو وڃي ته انهن کي ڪٿي رکيو ويو آهي. جنهن جي ڪري انهن جي گهر وارا سخت پريشان آهن. انهن چيو  ته اهڙي طرح ايم ڪيو ايم جا 100 کان وڌيڪ ڪارڪن به گرفتاري کان پوءِ لاپتا آهن. انهن چيو ته ائين ڪري قانون ۽ انساني حقن جي به کليل خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي فاروق دراني کي فوري طور تي بازياب ڪرائين جيڪڏهن انهن جي خلاف ڪوئي الزام به آهي ته انهن کي غير قانوني حراست ۾ رکڻ جي بجاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ لاپتا ڪرڻ جو  سلسلو به بند ڪيو وڃي. 
*****

4/19/2024 8:01:13 AM