Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ضمير فروشن جي پارٽي جوائن ڪرڻ جي لاءِ سرڪاري ملازمن کي ڏنيون ويندڙ ڌمڪيون قابل مذمت آهن. نديم نصرت


ضمير  فروشن جي پارٽي جوائن ڪرڻ جي لاءِ سرڪاري ملازمن کي ڏنيون ويندڙ ڌمڪيون قابل مذمت آهن. نديم نصرت
 Posted on: 5/1/2016 1
ضمير  فروشن جي پارٽي جوائن ڪرڻ جي لاءِ سرڪاري ملازمن کي ڏنيون ويندڙ ڌمڪيون قابل مذمت آهن. نديم نصرت
ضمير فروشن جي پارٽي جوائن ڪرائڻ جي لاءِ سرڪاري ملازمن جون پگهارون بند ڪيون ويون آهن. نديم نصرت
لنڊن:  پهرين مئي 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت ضمير فروشن جي پارٽي جوائن ڪرڻ جي لاءِ سرڪاري ملازمن کي ڏنيون ويندڙ ڌمڪين ۽ انهن تي دٻاءُ جي هٿڪنڊن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته ڪجھھ طاقتور عناصر جي طرفان اهم ادارن جي سرڪاري ملازمن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته اهي ضمير فروشن جي پارٽي کي جوائن ڪري وٺن. ان مقصد جي لاءِ سرڪاري ادارن کي سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن جي فهرست ڏيئي ڪري انهن جون پگهارون بند ڪيون ويون آهن ۽ انهن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته جيڪڏهن اهي ضمير فروشن جي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري وٺندا ته انهن جون پگهارون جاري ڪيون وينديون. انهن چيو ته هڪ طرف ته حق پرست عوام تي هٿرادو قيادت مسلط ڪرڻ جي لاءِ سرڪاري ملازمن کي ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏو گڏ انهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي ۽ ٻئي طرف انهن تي دٻاءُ وجهي ڪري ضمير فروشن جي پارٽي ۾ شامل ڪرايو پيو وڃي. جيڪو ان ڳالھھ 
جو ثبوت آهي ته غير قانوني ڇاپن ۽ گرفتارين جو مقصد ڪراچي ۾ امن و امان جو قيام نه بلڪه ڏاڍ ۽ تشدد جا هٿڪنڊا استعمال ڪري ضمير فروشن کي سياسي حيثيت ڏيارڻ آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. نديم نصرت چيو ته گذريل پوين ڏينهن ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن ايم ڪيو ايم شاھ فيصل ٽائون جي ٻن عهديدران جي گرفتاري جي لاءِ انهن جي گهرن تي غير قانوني ڇاپا هڻي ڪري انهن جي ڀائرن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ پوءِگرفتار ٿيلن جي گهر وارن کي پيغام ڏنو ويو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جي مذڪوره عهديدارن ضمير فروشن جي پارٽي ۾ شموليت اختيار نه ڪئي ته پوءِ اهي سڄي زندگي پنهنجن ڀائرن جي شڪل ڏسي نه سگهندا. جنهن جي ڪري مجبورن انهن کي ضمير فروشن جي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻي پئي. نديم نصرت چيو ته هڪ طرف ته ڌمڪيون ۽ دٻاءُ وجهي ڪري سرڪاري ملازمن کي ضمير فروشن جي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو  پيو وڃي ته ٻئي طرف شهر جي بلڊرن کي به ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته اهي ضمير فروشن کي فنڊ ڏين ۽ انهن سان ڀرپور مالي تعاون ڪن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ جمهوري جماعت آهي. جنهن کي عوام جي ڀرپور حمايت حاصل آهي. سنڌ جا شهري علائقا خصوصن ڪراچي جا عوام هر اليڪشن ۾ ووٽ ڏيئي ڪري ايم ڪيو ايم کي پنهنجي نمائندگي جو حق ڏيندا پيا اچن ۽ ايم ڪيو ايم جهڙي عوامي جماعت کي رياستي هٿڪنڊن سان ختم ڪري نه ٿو سگهجي. ان قسم جي هٿڪنڊن سان حق پرست عوام جي دلين مان ايم ڪيو ايم جي محبت کي ختم ڪري نه ٿو سگهجي. نديم نصرت اختياري ڌرين کان مطالبو ڪيو ته ضمير فروشن جي جماعت ۾ شموليت جي لاءِ سرڪاري ملازمن ۽ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن کي ڏني ويندڙ ڌمڪين جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي ۽ ان عمل ۾ ملوث عناصر جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. 
*****

4/24/2024 9:48:09 PM