Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آفتاب احمد سميت ماورائي عدالت قتل ڪيل ڪارڪنن ۽ ڪارڪنن کي ڏاڍ جي زور تي لاپتا ڪرڻ جي خلاف ايم ڪيو ايم آمريڪا جو وائيٽ هائوس تي مظاهرو


آفتاب احمد سميت ماورائي عدالت قتل ڪيل ڪارڪنن ۽ ڪارڪنن کي ڏاڍ جي زور تي لاپتا ڪرڻ جي خلاف ايم ڪيو ايم آمريڪا جو وائيٽ هائوس تي مظاهرو
 Posted on: 5/8/2016 1
آفتاب احمد سميت ماورائي عدالت قتل ڪيل ڪارڪنن ۽ ڪارڪنن کي ڏاڍ جي زور تي لاپتا ڪرڻ جي خلاف ايم ڪيو ايم آمريڪا جو وائيٽ هائوس تي مظاهرو
واشنگٽن ڊي سي: 8 مئي 2016 
                    متحده قومي موومينٽ جي سينيئر ڪارڪن آفتاب احمد جو رينجر جي حراست ۾ غير انساني تشدد جي نتيجي ۾ ماورائي عدالت قتل، قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي، ايم ڪيو ايم جي آفيسن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي غير قانوني ڇاپن، مهاجر ڪارڪنن جي گمشدگين ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن جي خلاف ايم ڪيو ايم آمريڪا جي تحت واشنگٽن ڊي سي ۾ وائيٽ هائوس جي سامهون هڪ وڏو مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ سينٽرل آرگنائيزر متين يوسف ۽ ميمبرن ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرين آفتاب احمد جي رينجر جي حراست ۾ غير انساني تشدد جي نتيجي ۾ هلاڪت کي طبعي موت قرار ڏيڻ جي خلاف سخت نعري بازي به ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي متين يوسف آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي طرفان آفتاب احمد جي هلاڪت جو نوٽس وٺڻ جو خير مقدم ڪندي چيو ته محب وطن مهاجر قوم تي ظلم جي انتها ٿي چڪي آهي. ڏوهارين جي خلاف آپريشن جي نالي تي مهاجر قوم ۽ ان جي قيادت کي نشانو بڻائي ڪري ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي 

وڃي. انهن چيو ته آفتاب احمد جي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ سان سموري حقيقت واضع ٿي چڪي آهي ۽ اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته آفتاب احمد تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو آهي. جنرل راحيل شريف ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن جي شفاف تحقيقات ڪرائين ته انهن کي ايم ڪيو  ايم جي خلاف ڪوڙن پروفيگنڊن ۽ الزامن جي حقيقت جو به علم ٿي ويندو. انهن چيو ته گذريل ٽن سالن جي دوران ايم ڪيو ايم جي 177 ڪارڪنن کي لاپتا ڪيو ويو آهي، 56 ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي ۽ سوين ڪارڪن اڄ به جيلن ۾ بي ڏوهي قيد آهن. انهن آمريڪي دفتر خارجه جي طرفان ڪراچي ۾ آپريشن جي نالي تي ڪئي ويندڙ انساني حقن جي لڳاتار خلاف ورزين ۽ خصوصن آفتاب احمد جي حراست جي دوران تشدد سان هلاڪت جو نوٽس وٺڻ تي انهن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته آمريڪي دفتر خارجه انساني حقن جي لڳاتار ٿيندڙ خلاف ورزين خصوصن ماورائي عدالت قتلن جي بندش ۽ ڏاڍ جي زور تي لاپتا ڪيل ڪارڪنن جي بازيابي جي حوالي سان به پنهنجو اثر و رسوخ استعمال ڪندو.
*****


4/18/2024 12:16:21 AM