Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جيئي سنڌ قومي محاذ ( آريسر گروپ ) جي وفد جي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي سان خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات


جيئي سنڌ قومي محاذ ( آريسر گروپ ) جي وفد جي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي سان خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات
 Posted on: 4/29/2016
جيئي سنڌ قومي محاذ ( آريسر گروپ ) جي وفد جي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي سان خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات
وفد رابطا ڪميٽي کي عبدالواحد آريسر جي ورسي ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني
ڪراچي: 29 اپريل 2016 
                   جيئي سنڌ قومي محاذ ( آريسر گروپ ) جي مرڪزي سيڪريٽري ڀلم ۽ ڪراچي ڊويزن جي ڪو آرڊينيٽر محمد جمن حمايتي جي سربراهي ۾ هڪ وفد خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي مميبرن امين الحق، عارف خان ، ارشد حسن ۽ اسلم آفريدي سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي عبدالواحد آريسر جي 3 مئي تي ٿيندڙ ورسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي سنڌ تنظيمي ڪميٽي جو جوائنٽ انچارج يوسف منير شيخ به موجود هو. ان موقعي تي سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق به ڪيو ويو. وفد ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳائڻ ۽ ان جي خلاف سازشن کي فوري طور تي بند ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ عوامي مينڊيٽ رکڻ واري جماعت آهي. جنهن کي سازشن جي ذريعي ختم ڪري نه ٿو سگهجي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبرن وفد جو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان ٿورو مڃيندي انهن کي دل جي گهرائين سان خوش آمديد چوندي چيو ته ماضي ۾ به جسقم ۽ ايم ڪيو ايم جو گهرو تعلق رهيو آهي ۽ ٻنهي سنڌ جي حقن جي لاءِ عملي جدوجهد ڪئي آهي ۽ اهو سلسلو آئنده به جاري رهندو. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي ورسي ۾ شرڪت جي خاطري ڪرائي ۽ عبدالواحد آريسر جي مغفرت جي لاءِ دعا به ڪئي.
*****

4/19/2024 9:19:56 AM