Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

خورشيد شاھ پنهنجي بيان کي فوري طور تي واپس وٺن ۽ پوري مهاجر قوم کان ان بيان تي معافي وٺن. حيدرعباس رضوي.


 Posted on: 10/17/2014
خورشيد شاھ پنهنجي بيان کي فوري طور تي واپس وٺن ۽ پوري مهاجر قوم کان ان بيان تي معافي وٺن. حيدرعباس رضوي.
مهاجرن سنڌ جي هڪ انچ زمين به قبضي ۾ نه ڪئي آهي بلڪه اهي سنڌ جي ڪل ايراضي جي 80 سيڪڙو ڇڏيل زمين جا مالڪ آهن.
رابطا ڪميٽي ميمبر حيدرعباس رضوي جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سان گڏجي نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛ 17 آڪٽوبر2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر سيد حيدعباس رضوي چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي قائد حزب اختلاف خورشيد شاھ پنهنجي هڪ بيان ۾ انتهائي گهٽيو لهجو استعمال ڪيو آهي ۽ پنهنجي ڳالھ ٻولھ جي دوران لفظ مهاجر کي چار ڀيرا گار ڏني آهي، خورشيد شاھ پنهنجي بيان کي فوري طور تي واپس وٺن ۽ پوري مهاجر قوم کان معافي وٺن. انهن چيو ته لفظ مهاجر قرآن پاڪ ۾ ڪيترائي ڀيرا آيو آهي، ان لفظ جي نسبت حضرت محمد صلي الله عليه وسلم سان آهي، جن جي هجرت تي مسلمانن هجري ڪلينڊر جاري ڪيو ۽ هجرت کي قرآن پاڪ ۾ وڏي مقدس نالي سان ياد ڪيو ويو آهي.انهن عالمن سڳورن کي درخواست ڪئي ته اهي خورشيد شاھ جي بيان کي پڙهن ۽ ان باري ۾ فيصلو ڪن ته اهو بيان ڪٿي توهين رسالت صلي الله عليه وسلم جي زمري ۾ ته نه ٿو اچي. اها ڳالھ انهن نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئي . ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر عامر خان، امين الحق، واسع جليل ۽ عارف خان ايڊووڪيٽ به انهن سان گڏ هئا.حيدرعباس رضوي چيو ته اسان خورشيد شاھ جي ان بيان کي پوري مهاجر قوم جي تذليل سمجهون ٿا، ان گهٽيا ۽ تعصب واري بيان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.اهڙا بيان سنڌ کي مظبوط ڪرڻ جي لاءِ نه ٿا ٿي سگهن بلڪه اهڙا بيان سنڌ ۾ نفرت ۽ تعصب جي باھ ڀڙڪائن جي لاءِ ڏنا وڃن ٿا. اسان سمجهون ٿا ته شاھ لطيف جي امن جي ڌرتي تي جيڪي ماڻهو نفرت، تعصب ۽ لسانيت جي باھ ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا اهڙن تمام ماڻهن جو وجود سنڌ ڌرتي جي لاءِ گار آهي،انهن چيو ته اسان کي ڏک آهي ته اسان جي ابن ڏاڏن هن وطن جي لاءِ 20 لک جانين جو نذرانو پيش ڪيو، هن قوم ۽ لفظ کي اڄ گار قرار ڏنو ويو اها ڳالھ انتهائي شرمناڪ آهي.اسان چاهيون ٿا ته خورشيد شاھ ان بيان کي فوري طور تي واپس وٺن ۽ پوري مهاجر قوم کان معافي وٺن. انهن چيو ته لفظ مهاجر قرآن پاڪ ۾ ڪيترائي ڀيرا آيو آهي ، ان لفظ جي نسبت نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم سان آهي ۽ هجرت کي قرآن پاڪ ۾ مقدس نالي سان ياد ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته خورشيد شاھ پنهنجي بيان ۾ چيو ته مهاجر ته جهوپڙين ۾ رهندا آهن، انهن جي لاءِ لفظ پناھ گزين آهي. انهن واضع ڪيو ته اسان پاڪستان ۾ پناھ گزين نه بلڪه مهاجر آهيون ، ان فرق کي سمهجيو وڃي. انهن سنڌ جي سڀني کان وڏي دانشور امر جليل جي ڪالم جو حوالو ڏيندي چيو ته انهن واضع لکيو آهي ته مهاجر سنڌ ۾ ڇڏيل سنڌ جا مالڪ آهن. متروڪه سنڌ ڪيتري ايراضي تي آهي اها سنڌ جي 80 سيڪڙو ايراضي ٿئي ٿي.اسان سنڌ جي هڪ انچ زمين به قبضي ۾ نه ڪئي آهي بلڪه اسان جي ابن ڏاڏن جيڪي جائيدادون ۽ حويليون هندستان ۾ ڇڏيون هيون انهن جو اسان کي چوٿون حصو به نه مليو آهي ۽ اسان 80 سيڪڙو متروڪه سنڌ جا مالڪ آهيون. انهن چيو ته پاڪستان ۽ هندستان جي حڪومتن جي وچ ۾ عالمي معاهدا آهن ته مسلمانن ۽ هندن کي انهن جو ڇڏيل جائيدادون منتقل ڪيون وينديون. هندستان ۾ ته جائيدادون منتقل ٿي ويون پر سنڌ ۾ مهاجرن جي هڪ ڪروڙ ايڪڙ زمين وڏيرن ۽ جاگيردارن جي قبضي ۾ آهي.انهن چيو ته اوهان سيد ۽ شاھ آهيو ،جيڪي اسان به آهيون پر توهان پنهنجن وڏڙن جي باري ۾ ڇا چئي رهيا آهيو، ڪجھ سوچي سمجهي ڳالهايو، انهن چيو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول زرداري ۽ آصف زرداري صاحب  کي اهو سوچڻ گهرجي ته توهان جو ڪراچي ۾ جلسو آهي ،قائد تحريڪ جناب الطاف حسين خيرسگالي جو پيغام ڏيئي چڪا آهن ،اوهان جي جلسي کي ويلڪم به ڪري چڪا آهن. بلاول زرداري ۽ آصف زرداري جي لاءِ اها ڳالھ ڳڻتي واري ۽ سوچڻ واري آهي ته اهي ڪهڙا لڪيل دشمن اوهان پالي رکيا آهن جيڪي اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو 1972 ۾ ڪوٽا سسٽم نافذ ڪيو، شهري ۽ ٻهراڙي سنڌ جي ورهاست ڪئي.جيڪڏهن هڪ هزار سي ايس پي پوليس آفيسر آهن ته اوهان جي ٺاهيل ڪوٽا سسٽم جي مطابق به چار سو اردو ڳالهائڻ وارا مهاجر هجڻ گهرجن. ڇھ لک سنڌ ۾ نوڪريون آهن ته ڇا ٻه لک چاليھ هزار نوڪريون شهري سنڌ کي ڏنيون ويون؟انهن چيو ته خورشيد شاھ تحقير آميز بيان کي فوري طور تي واپس وٺن، مهاجر قوم هڪ مهذب قوم آهي،اسان جي ابن ڏاڏن هن وطن جي  لاءِ 20  لک جانين جو نذرانو پيش ڪيو آهي ، جڏهن پاڪستان ٺهيو ته سنڌ ۾ پنجاھ سيڪڙو غير مسلم هئا. جيڪي هجرت ڪري هندستان هليا ويا ،پر اتان جيڪي هجرت ڪري آيا اڄ  انهن کي گاريون ڏنيون پيون وڃن اهو ڪهڙو طريقو آهي. اسان جي ابن ڏاڏن 200 سالن جي جنگ وڙهي هئي. 1757 کان 1947 تائين، تڏهن وڃي پاڪستان حاصل ٿيو هو. انهن چيو ته سچائي ته اها آهي ته مهاجر پاڪستان جي مٿي جا تاج آهن.  اوهان غلام هيو ۽ 80 سيڪڙو اوهان جي زمين هندن وٽ گروي رکيل هئي. 97 سيڪڙو نوڪريون سنڌ ۾ هندن وٽ هيون. انهن چيو ته اوهان ته غلام هيو اسان مهاجرن ته اوهان کي هندن کان آزادي ڏياري، اسان جي زمينن تي جائيدادن ۽ متروڪه سنڌ تي قبضو ڪري اوهان وڏيرا ۽ جاگيردار بڻجي ويو ۽ اڄ اسان کي توهان گاريون ڏيئي رهيا آهيو. اوهان کي اهو سمجهڻو پوندو ته هتي سڀني جا حق برابر آهن ان ڳالھ جي گارنٽي پاڪستان جو آئين به ڏيئي ٿو.

7/17/2024 8:33:24 PM