Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پشاور ۾ شهيدن جي پونئرن تي تشدد ڪرڻ جو سخت نوٽس ورتو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


پشاور ۾ شهيدن جي پونئرن تي تشدد ڪرڻ جو سخت نوٽس ورتو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 1/14/2015

پشاور ۾ شهيدن جي پونئرن تي تشدد ڪرڻ جو سخت نوٽس ورتو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
مون کي يقين آهي ته معصوم شهيد ٻارن جو رت ضرور رنگ لائيندو.
آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ عمران خان جي دوري جي موقعي تي شهيدن جي پونئرن تي تشدد ٿيڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
لنڊن؛ 14 جنوري 2015
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين خيبرپختونخواھ جي حڪومت جي طرفان آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ شهيدن جي پونئرن تي لٺيون وسائڻ ۽ انهن کي سخت مارڪٽ ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته معصوم شهيد ٻارن جا پوئنر تقريبن هڪ مهينو گذرڻ جي باوجود به ڏک کان بي حال آهن ۽ پنهنجن پيارن کي ياد ڪري هر وقت ڳوڙها ڳاڙهيندا رهن ٿا. اهڙي ڏک جي ماحول ۾ شهيدن جا پوئنر تعزيت جي لاءِ ايندڙ سياسي رهنمائن سان اڪثر ڏک ۽ ڪاوڙ جي حالت ۾ تکا سوال ۽ احتجاج به ڪن ٿا ۽ اڄ جڏهن عمران خان پنهنجي گهر واري سان گڏ آرمي پبلڪ اسڪول جو دورو ڪيو ته اتي موجود شهيدن جي پونئرن ۽ اسڪول جي ٻارن پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.جنهن تي اتي موجود خيبرپختونخواھ جي پوليس ۽ تحريڪ انصاف جي ڪجھ رهنمائن شهيدن جي پونئرن کي نه صرف مارڪٽ ڪئي بلڪه انهن کي گارگند به ڏنو. جناب الطاف حسين شهيدن جي پونئرن کي پرزور اپيل ڪئي ته اوهان صبر ڪريو، پوري قوم انتهاپسندي ۽ دهشت گردي جي خلاف آهي، سواءِ انهن جماعتن ۽ ليڊرن جي جيڪي سڌي
2
ريت يا اڻ سڌي ريت دهشت گردن سان مليل آهن، جن کي هاڻي قوم جو ٻچو ٻچو سڃاڻي چڪو آهي. ان جي ڪري شهيدن جي پونئرن کي منهنجي دردمندانه اپيل آهي ته اهي صبر ڪن ۽ الله تعالٰي جي انصاف تي يقين رکن.جناب الطاف حسين فرمايو ته مون کي يقين آهي ته معصوم شهيد ٻارن جو رت ضرور رنگ لائيندو، پاڪستان کان مفادپرستن،بي ايمانن ۽ ڌوکي بازن جو خاتمو ٿيندو. بهادر، نيڪ ۽ ايماندار ماڻهن جي حڪومت قائم ٿيندي. انهن فرمايو ته آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪرڻ وارا وحشي دهشت گرد ۽ انهن جا سرپرست ۽ همدرد انشاء الله تعالٰي الله تعالٰي جي عذاب کان نه بچندا.انهن آخر ۾ وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته ان افسوسناڪ واقعي جو سختي سان نوٽس ورتو وڃي ۽ شهيدن جي پونئرن تي تشدد ڪرڻ وارن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.


9/30/2024 8:18:36 AM