انجمن اخبار فروشان جي صدر ۽ سابق حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي سيد افضال شاھ جي گهر واري جي وفات تي رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار
.ڪراچي؛ 22 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي انجمن اخبار فروشان جي صدر ۽ سابق حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي سيد افضال شاھ جي گهر واري جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي مرحومه جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوارن کي صبر جميل عطا فرمائي.آمين.