Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سياست برائي خدمت جو جذبو ۽ عمل نه هجي ته حڪمراني بي معنٰي آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ حق پرست پارليماني ليڊر خواجه اظهار الحسن.


 Posted on: 9/13/2014
سياست برائي خدمت جو جذبو ۽ عمل نه هجي ته حڪمراني بي معنٰي آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ حق پرست پارليماني ليڊر خواجه اظهار الحسن.
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو نظريو پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مظلوم ماڻهن جي لاءِ مشعل راھ آهي. حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي.
حيدرآباد؛13 سيپٽمبر؛2014
             سياست برائي خدمت جو جذبو ۽ عمل نه هجي ته حڪمراني بي معنٰي آهي. انهن خيالن جو اظهار سنڌ اسيمبلي ۾ حق پرست ڊپٽي پارليماني ليڊر خواجه اظهار الحسن مهراڻ آرٽس ڪائونسل لطيف آباد ۾ ايم ڪيو ايم حيدرآباد زون جي زير اهتمام منعقد ٿيندڙ تقريري مقابلي“دي رائيٽ مين” جي تقريب جي موقعي تي ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو.ان موقعي تي حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي ۽ حق پرست ايم پي ايز کان سواءِ عوام جي وڏي تعداد موجود هئي.خواجه اظهار الحسن چيو ته افسوس جو پاڪستان جون گهڻيون ئي جماعتون ۽ سياستدان اليڪشن کان اڳ عوامي خدمت جا دعوٰي ته بي شمار ڪن ٿا پر اسيمبلين ۾ پهچڻ کان پوءِ انهن جي قول و فعل ۾ تضاد اچي وڃي ٿو.انهن چيو ته تبديلي آڻڻ جي لاءِ پهرين پاڻ کي اهو عمل ڪرڻ لازمي هوندو آهي.انهن چيو ته 28 ڏينهن ۾ تبديلي نه ايندي آهي پر ڊگهي جدوجهد کان پوءِ ۽ بي شمار قربانين کان پوءِ ئي انقلاب  ايندا آهن ۽ تڏهن وڃي عوام جي قسمت تبديل ٿيندي آهي.انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پاڪستان جا واحد رهنما آهن جن جي قول و فعل ۾ تضاد نه آهي، انهن چيو ته قائد تحريڪ جي زندگي ۽ ايم ڪيو ايم جي تاريخ قربانين سان ڀري پئي آهي.انهن چيو ته قائدتحريڪ جي خاندان مان اڄ تائين ڪوئي به سينيٽر يا اسيمبلي جو ميمبر نه بڻيو آهي ۽ اهو ئي انقلاب آهي.ان موقعي تي حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته حيدرآباد جي عوام ۽ ڪارڪنن جي طرفان قائد تحريڪ جي سالگره کي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ قائد سان والهانه محبت جو ثبوت آهي،انهن چيو ته قائد تحريڪ جو نظريو پاڪستان سميت سڄي دنيا جي لاءِ مشعل راھ آهي. قومي اسيمبلي ميمبر سيد وسيم حسين ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين پاڪستان جا واحد ليڊر آهن جن 25 سالن جي عمر ۾ ملڪ و قوم جي لاءِ پنهنجي جدوجهد جو آغاز ڪيو. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جو نظريو حقيقت پسندي ۽ عمليت پسندي ملڪ و قوم جي بقا جو ضامن آهي.ان کان پوءِ تقريري مقابلي جي ججن پروفيسر ادريس قائمخاني، دانشور عشرت علي خان ۽ پروفيسر انور قريشي جي طرفان ڏنل نتيجن جي مطابق پهرين پوزيشن فضا بتول، ٻئي پوزيشن دانش ۽ ٽئين پوزيشن محمد يونس حاصل ڪئي، پوزيشن حاصل ڪندڙن ۾ حق پرست ايم پي ايز ، زونل انچارج ۽ ٻين انعام تقسيم ڪيا.
**

7/18/2024 4:40:39 AM