Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

يوم آزادي جي موقعي تي ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم، لٽ مار ۽ عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ جي واقعن جو نوٽس ورتو وڃي . ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


يوم آزادي جي موقعي تي ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم، لٽ مار ۽ عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ جي واقعن جو نوٽس ورتو وڃي . ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 8/15/2016
يوم آزادي جي موقعي تي ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم، لٽ مار ۽ عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ جي واقعن جو نوٽس ورتو وڃي . ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 15 آگسٽ 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سماج دشمن عناصر جي طرفان ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم، لٽ مار ۽ عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ جي واقعن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ طرف ته ڪراچي ۾ امن جي قيام جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي ۽ ان جي اڳواڻڻ، چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا ۽ گرفتاريون روز جو معمول بڻجي چڪا آهن ۽ پر جڏهن ته ٻئي طرف ڏوهاري دهشت گردن ۽ سماج دشمن عناصر کي کليل ڇوٽ ڏني وئي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته يوم آزادي جي ڏينهن ڪراچي ۾ هر هنڌ رينجر ۽ پوليس جي تعيناتي جي باوجود ڏوهاري ماڻهو کلي عام پنهنجيون وارڌاتون ڪندا رهيا ۽ انهن ڏوهارين شهر جي مخلتف علائقن ۾ درجنين موٽرسائيڪلون، موبائيل فونَ ۽ روڪ رقمون ڇني ورتيون. رابطا ڪميٽي چيو ته جشن آزادي جي موقعي تي ڪراچي جي تفريح گاهن ڏانهن ويندڙ فيملين سان به ڇيڙ ڇاڙ ڪئي وئي. پر انهن کي روڪڻ وارو ڪوئي به نه هو. رابطا ڪميٽي چيو ته انهن سمورن واقعن مان صاف ظاهر آهي ته ڪراچي آپريشن جو مقصد امن جو قيام نه بلڪه صرف ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف ، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي يوم آزادي جي ڏينهن ڪراچي ۾ ٿيندڙ لٽ مار ۽ عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ جي واقعن جو نوٽس وٺن ۽ انهن ڏوهارين جي خلاف قانون جي مطابق سخت ترين ڪاروائي ڪئي وڃي. 
*****

4/18/2024 5:22:03 PM